ميڊيا تي مخصوص ماڻهن جي اجاراداري سبب صحافت خطرن کي منهن پئي ڏئي: ڊاڪٽر جبار خٽڪ

ڪراچي(رپورٽر) سي پي اين اي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري  ۽روزاني عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ چيو آهي ته پي ايف يو جي کي صحافين جي معاشي حقن لاءِ ويڙهه ڪرڻ سان گڏ جديد ميڊيا بابت صحافين جي تربيت به ڪرڻ  گهرجي، اهڙو اظهار هن ڪالهه بي ڊي ايم جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، ڊاڪٽر جبار خٽڪ چيو ته پي  ايف يو جي جو  ماضي ۾ جمهوريت، انساني حقن ۽ شاگرد يونين لاءِ تاريخي ڪردار رهيو آهي، ضياءَ جي آمريت خلاف پي ايف يو جي سياسي پارٽين ۽ شاگرد يونينز سان گڏ تحريڪ ۾ حصو ورتو، ان ۾ صحافين ڪوڙا به کاڌا۽ جيل ڀوڳيا، ان ڪري اڄ جي حالتن ۾ جمهوريت، انساني حقن سميت شاگرد  يونين جي بحالي ۾ پي ايف يو جي کي ماضي وارو ڪردار نڀائڻ گهرجي، هن چيو ته  سڀني جي گڏجي جدوجهد ڪرڻ سان مقصد حاصل ٿيندو، ماضي جي ڀيٽ ۾ حالتون نئين رخ  طرف وڌن پيون، ٽيڪنالاجي جي جدت ۽ نواڻ جي نتيجي ۾ هزارين صحافي بيروزگار ٿيا آهن، ان ڪري صحافين کي نئين هنر سان سلهاڙي اڳتي وڌڻو پوندو، هن چيو ته هاڻي ميڊيا ۾ جديد ٽيڪنالاجي کانپوءِ پراڻا طريقا هلي نه سگهندا، صحافين کي شهرن ضلعن ۽ تعلقن تائين جديد ميڊيا واري هنر سان جڙي پنهنجي اسڪل وڌائي نئين دور جي چئلنج کي منهن ڏئي روزگار جا وسيلا پيدا ڪرڻا پوندا، هن چيو ته انتهائي افسوس جي ڳالهه آ هي ته ميڊيا تي چند مخصوص ماڻهن جي اجاراداري آهي، نتيجي ۾ صحافت ۽ ميڊيا وڏي چئلنج کي منهن ڏئي پئي،  پي ايف يو جي جي مرڪزي صدر افضل بٽ خطاب ڪندي سي پي اين اي کي اپيل ڪئي ته اها صحافين جي تربيت جي حوالي سان پي ايف يو جي جي مدد ڪري، هن چيو ته  ڊاڪٽر جبار خٽڪ سندس پراڻو ساٿي آهي، سندس زندگي جدوجهد سان ڀريل آهي،  ڊاڪٽر جبار خٽڪ جمهوريت جي بحالي انساني حقن واري جدوجهد جو ساٿي۽ هر فورم تي ڪارڪنن جي پاسي بيٺل هوندو آهي. جڏهن ته پي ايف يو جي جي مرڪزي چونڊ اڄ ٿيندي، ٻن ڏينهن تائين بي ڊي ايم جو اجلاس جاري رهيو، جڏهن ته اليڪشن ڪيمٽي اميدوارن جي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ پڻ ڪئي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.