سنڌ ۾ ڊاڪٽرن جون 17 سئو جايون خالي پيل، عدالت ۾ رپورٽ پيش

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ جي ڊسٽرڪٽ ۾ ڊاڪٽرن، ليڊي ڊاڪٽرن ۽ بيماري جي ماهر ڊاڪٽر جي کوٽ ۽ مقرري جي حوالي سان  داخل درخواست تي صحت کاتي پاران رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي، جڏهن درخواست گذار شهاب اوستو ان کي پڙهي پوءِ دليل ڏيڻ جي لاءِ مهلت گهري ورتي آهي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 18ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس آغا فيصل تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران صحت کاتي پاران آفيسرن رپورٽ جمع ڪرائي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته وٽن ٽوٽل 1700 فيمل ۽ ميل ڊاڪٽرن جون جايون خالي آهن، جنهن جي اسڪروٽني کان پوءِ 600 ڊاڪٽرن کي ڊوميسائل موجب مقرر ڪري ڇڏيو آهي، 900 ڊاڪٽرن جي اسڪروٽني جلد ڪئي ويندي، جنهن بعد کين مقرر ڪيو ويندو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 500 ماهر ڊاڪٽرن مان 327 ڊاڪٽرن کي ڀرتي ڪيو ويو آهي. باقي به جلد ڪيا ويندا.0630

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.