تيز گام حادثو ڪيس، وفاقي حڪومت کان تفصيلي جواب طلب

اسلام آباد (م ڊ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تيز گام ريلوي حادثي جي آزاداڻي جاچ ۽ ريلوي واري وزير شيخ رشيد جي خلاف درخواست ۾ گهرو وزارت ۽ ريلوي واري وزارت کان تفصيلي جواب طلب ڪري ورتو. عدالت تيز گام حادثي جي جاچ رپورٽ به ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتي. .جسٽس محسن اختر ڪياني چيو آهي ته ڇا شيخ رشيد بطور وزير معاوضي جو اعلان ڪري سگهي ٿو. ڪهڙو قانون آهي جنهن تحت وزير اهو معاوضو ڏيڻ جو اعلان ڪيو. ڇا ريلوي وارو وزير پنهنجي کيسي مان اهو معاوضو ڏيندو.؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جيورسٽ فائونڊيشن طرفان داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي جسٽس محسن اختر ڪياني ڪئي. ريلوي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته وفاقي حڪومت تيز گام حادثي جي متاثرين کي معاوضو ڏيندي. وڪيل ۽ درخواست ڏيندڙ حنيف راهي چيو ته ريلوي واري وزير شيخ رشيد جي ماتحت آزادانه انڪوائري نٿي ٿي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.