ننگرپارڪر ۾زال مڙس غربت کان تنگ ٿي خودڪشي ڪري ڇڏي

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)ننگرپارڪر لڳ جيءُجهوريندڙ واقعو،زال ۽ مڙس غربت کان تنگ ٿي خودڪشي ڪري ڇڏي خبرموجب: ٿرپارڪر ضلعي ۾ خودڪشين جي واقعن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي، اُنهي سلسلي ۾ ننگرپارڪر لڳ ڳوٺ ڏونگرو جو وانڊيو ۾ غربت کان تنگ اچي زال ۽ مڙس ڦاھو کائي زندگين جو انت آڻي ڇڏيو،22 ورهين جي پاربتي ڪولهي ۽ سندس مڙس ڀاڳچند ڪولهي گھر ڀرسان ڄار جي وڻ ۾ ڦاھو کائي زندگي جو انت آندو،پوليس زال مڙس جا لاش تعلقي اسپتال آندا،ٻنهي جا مڙھه پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، ٻڌايو پيو وڃي ته ٻنهي زال مڙس غربت کان تنگ اچي ڦاھو کائي پنھنجي زندگي جو انت آندو آھي،ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته ڀاڳچند ڪولهي پهرين زال کي ڦاهو ڏئي پوءِ پاڻ آپگهات ڪيو، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.