جج وقت تي فيصلو نه ڪري ته قاصد ۽ هن ۾ فرق ناهي…!

ملتان(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آصف سعيد کوسا ججن جي بروقت فيصلي ۽ وڪلين جي تربيت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ماضي ۾ ڪير به سوچي نه پئي سگهيو ته عدالت ۾ بدمزگي جو واقعو پيش آيو پر هاڻ حالتون اهڙيون ناهن رهيون.

چيف جسٽس آف پاڪستان آصف سعيد کوسا ملتان ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته منهنجو تعلق به ملتان سان آهي ۽ هتي ڪيترائي سال گذاريا آهن ۽ ملتان سپريم ڪورٽ کي گهيري رکيو آهي ڇو ته چيف جسٽس ۽ جونيئر جج به هتان سان تعلق ٿا رکن.

چيف جسٽس چيو ته ملتان بينچ سان منهنجو سلهاڙيل آهن، پهرين ڪيس وڙهندا هئاسين پوءِ بار رومز ۾ ايندا هئاسين ۽ هتي ٽيبل ٽينس جي ٽيبل هوندي هئي صدر بار ضيا الدين قمر صاحب هڪ مقابلو ڪرايو.

چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته اتفاق سان آئون ملتان بينچ جو ٽيبل ٽينس چيمپئن بڻجي ويو هئس.

چيف جسٽس چيو ته آئون توهان کي اِهو ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته ان وقت ماحول ڏاڍو سٺو هو، سينيئر ۽ جونيئر جي وچ ۾ پيار، شفقت، استاد ۽ شاگرد ۽ سٺو احترام هو ۽ جن ججن جي سامهون اسان پيش ٿيندا هئاسين اُهي وڏا مخلص ۽ پڙهيل لکيل هوندا هئا.

هن چيو ته ڪڏهن ڪو واقعو سوچي به نه پئي سگهيو سين ڪنهن قسم جون حالتون پيدا ٿيون ته عدالت جي اندر بدمزگي پيدا ٿي وڃي اِهو قابل تصور هو ڇو ته ماحول اهڙو هو ۽ تربيت ڏيندڙ به اهڙا هئا ته هاڻ حالتون اُهي ناهن رهيون.،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.