پاڪستان ۾ پوليو جي صورتحال تي خوفناڪ انڪشاف

لاهور(ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي بندوبست هيٺ ڪم ڪندڙ اداري انڊيپنڊنٽ مانيٽرنگ بورڊ (آءِ ايم بي) پاڪستان ۾ پوليو جي صورتحال تي ڳڻتي جوڳا انڪشاف ڪري ڇڏيا.

پوليو جي عالمي اداري پاڪستان جي پوليو گرام جي ڪارڪردگي تي سخت خدشن جو اظهار ڪندي نئين رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. جنهن موجب هلندڙ سال دنيا جا 80 سيڪڙو پوليو ڪيس پاڪستان مان رپورٽ ٿيا.

آءِ ايم بي پاڪستان بابت پنهنجي رپورٽ ۾ پوليو پروگرام جي ڪارڪردگي جي پت وائکي ڪري ڇڏي جنهن موجب رپورٽ ٿيل 90 سيڪڙو ڪيس پوليو کان متاثر علائقن کان سواءِ آهن، ڪراچي ۽ خيبرپختونخواهه ۾ پوليو وائرس جي موجودگي کي دنيا ۾ مرض جي خاتمي ۾ وڏي رنڊڪ قرار ڏنو آهي.

رپورٽ موجب 2018ع ۾ پاڪستان پوليو جي خاتمي جي ڀرسان هو پر پاڪستان ۾ پوليو جا ڦڙا پيارڻ واريون مهمون خراب نموني ناڪام ٿيو آهن ۽ ملڪ ۾ سياسي طور تي پوليو جي خاتمي لاءِ اتفاق راءِ جو فقدان مليو.

رپورٽ موجب ڪراچي جي هر علائقي ۾ پوليو وائرس جي موجودگي ملي آهي ۽ پنجاب ۾ به پوليو پروگرام تباهي تي آهي. هلندڙ سيپٽمبر ۾ هلايل مهم ۾ تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻار ڦڙا پيئڻ کان محروم رهيا ۽ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هلندڙ سال وڌيڪ 25 ضلعن مان پوليو ڪيس رپورٽ ٿيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.