ايران ۾ احتجاج دوران 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ايران ۾ پيٽرول اگهن ۾ واڌ خلاف حڪومت مخالف احتجاج دوران سيڪيورٽي فورسز سان جهڙپن ۾ هيل تائين 106 ڄڻا مارجي چڪا آهن.

ايمنسٽي انٽرنيشنل موجب پيٽرول اگهن ۾ واڌ خلاف احتجاج ڪندي سيڪيورٽي فورسز سان وچڙي 100 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا.

ايمنسٽي انٽرنيشنل طرفان ايراني سيڪيورٽي فورسز تي طاقت جي استعمال جو الزام به مڙهيو ويو آهي.

انساني حقن جي تنظيم جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جمعي کان شروع ٿيندڙ احتجاج ۾ هيل تائين گهٽ ۾ گهٽ 106 ماڻهو مارجي چڪا آهن، اهي ماڻهو ايران جي 21 شهرن ۾ ٿيندڙ احتجاج دوران مارجي ويا، خدشو آهي ته مارجي ويلن جو انگ ان کان وڌيڪ آهي، ذريعن موجب اهو انگ 200 کان وڌيڪ آهي پر تهران حڪومت ان ڳالهه کي لڪائي رهي آهي.

ايمنسٽي انٽرنيشنل جو چوڻ آهي ته اها رپورٽ اکين ڏٺن شاهدن، ٿڏي تي ٺاهيل ويڊيوز ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن جي بيانن تي ٻڌل آهي.

هوڏانهن ايران جي سرڪاري ميڊيا طرفان مارجي ويلن جو انگ انتهائي گهٽ ٻڌايو پيو وڃي ۽ سرڪاري ذريعن رڳو 9 ڄڻن جي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.