سرڪاري آفيسن ۾ سوشل ميڊيا جي  استعمال تي پابندي..!

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي کي انفارميشن ٽيڪنالوجي (آءِ ٽي) اختيارين ٻڌايو آهي ته سرڪاري ملازمن جي آفيس ۾ يو ايس بي، سوشل ميڊيا ۽ واٽس ايپ جي استعمال تي پابندي لڳائي وئي آهي ۽ هاڻ اهي سوشل ميڊيا تي ڪاروبار به نٿا ڪري سگھن.

قومي اسيمبلي جي انفارميشن ٽيڪنالوجي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس علي خان جدون جي صدارت هيٺ ٿيو جتي آءِ ٽي وزارت جي عهديدارن بريفنگ ڏني.

آءِ ٽي وزارت جي نمائيندن بريفنگ دوران چيو ته سرڪاري آفيس ۾ هاڻ ڪو به ملازم سوشل ميڊيا يا واٽس ايپ استعمال نه ڪندو ۽ مستقبل ۾ سرڪاري ادارن ۾ فيس بڪ، يو ٽيوب ۽ يو ايس بي جي استعمال تي به پابندي هوندي.

هنن چيو ته آفيس ۾ ويٺل ماڻهو يوٽيوب هلائي رهيا آهن، فيس بڪ به استعمال ڪري رهيا آهن ۽ يو ايس بي ذريعي دستاويز به کڻي ويندا آهن پر هاڻ ڊيٽا کي سينٽرلائيزڊ ڪري سمورين سرگرمين تي پابندي لڳائينداسين.

هي به پڙهي سگھو ٿا:توهين مذهب ۽ پورنوگرافي بابت اڪائونٽ معطل ڪيا وڃن پي ٽي اي جي فيس بڪ کي درخواست

وزارت جي عهديدارن جو چوڻ هو ته اين آءِ ٽي بي پاڻ ان سينٽر لائيزڊ ڊيٽا سسٽم جي نگراني ڪندو.

هنن چيو ته حڪومت واٽس ايپ جهڙي سروس ٺاهيندي جيڪا ملازم استعمال ڪري سگھندا.

قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي کي هنن ٻڌايو ته اي آفيس لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سان سهڪار ڪري رهيا آهيون، اي آفيس جو نظام اين ٽي سي ۾ موجود آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: واٽس ايپ ۾ وڏي تبديلي جي آزمائش شروع

آءِ ٽي وزارت جي نمائيندن چيو ته آفيس کي نادرا، ايف بي آر، ايس اي سي پي ۽ ٻين ادارن سان جوڙي ڇڏينداسين.

حڪومتي قدمن جي حوالي سان هنن چيو ته سوشل ميڊيا تي جعلي خبرن جي روڪ ٿام لاءِ بندوبست ڪري رهيا آهيون جنهن لاءِ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي)کي اعتماد ۾ ورتو ويو آهي.

سندن چوڻ هو ته اسان جي ڪوشش آهي ته سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ خبرن جي تصديق ٿئي جنهن لاءِ هڪ اٿارٽي قائم ڪرڻ جي تجويز به غور هيٺ آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.