آءِ جي ريلوي جو انوکو منطق، تيزگام سانحي جي زخمين کي اسٽيشن تي گهرائي ورتو

 

ميرپورخاص (رپورٽ: هاشم شر) تيزگام ايڪسپريس سانحي جي جاچ لاءِ آءِ جي ريلوي ميرپورخاص پهچي زخمين سان ملڻ بدران کين اسٽيشن تي گهرائي ورتو.

انسپيڪٽر جرنل ريلوي واجد ضياءُ تيزگام ايڪسپريس سانحي جي زخمين کان جاچ لاءِ ميرپورخاص پهتو، جتي هن زخمي ٿيلن جي عيادت ڪرڻ يا انڪوائري لاءِ گھر وڃڻ بدران انهن کي ريلوي اسٽيشن تي گھرايو.

زخمي مريضن ۽ سندن وارثن کي جاچ لاءِ ايمبولينس ذريعي ريلوي اسٽيشن اچڻ کانپوءِ مريضن کي اسٽيچر تي ليٽايو ويو، جتي هو تڪليف ۾ پنهجي نمبر جو انتظار ڪندا رهيا.

آءِ جي ريلوي جي اهڙي عمل جي مذمت ڪندي ميرپورخاص واسين چيو ته واجد ضياءُ اهڙي صورت ۾ پاڻ گهر اچي زخمين سان ملي ها، زخمين کي ڊاڪٽرن بيڊ ريسٽ جي صلاح ڏني آهي.

سندن چوڻ هو ته جاچ ۾ زخمين کي پريشان ڪيو پيو وڃي، وزيراعظم کي ريلوي آفيسرن جي اهڙي رويي جو سختيءَ سان نوٽيس وٺڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.