250 وارا ٽماٽا 17 رپيا ڪلو ٻڌائيندڙن تي ڪير اعتبار ڪندو؟

لاهور(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق دعويٰ ڪئي آهي ته نااهل حڪمرانن جي موجودگي ۾ پاڪستان جو مستقبل محفوظ ناهي. هن الزام هنيو ته حڪمران ڳالهائيندا پهرين آهن ۽ سوچيندا پوءِ آهن.

پنهنجي هڪ بيان ۾ سينيٽر سراج الحق حڪومت کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته موجوده حڪومت شاگردن، مزدورن ۽ هارين جو مستقبل اونداهو ڪري ڇڏيو آهي.

شاگرد سياست ۾ انتهائي فعال ڪردار ادا ڪندڙ جماعت اسلامي جي امير مطالبو ڪيو ته شاگرد يونينز فوري طور تي بحال ڪيون وڃن. هن چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ شاگرد يونين جي بحالي جي ٺهراءُ کي ڀليڪار چئون ٿا.

هن ملڪي صورتحال جو جائزو پيش ڪندي چيو ته پاڪستان جي سياسي ۽ معاشي صورتحال انتهائي خطرناڪ حد تائين هلي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته جڏهن 250 رپين ۾ في ڪلو ڪرو ٿيندڙ ٽماٽن جي قيمت ناڻي وارو وزير 17 رپيا في ڪلو ٻڌائي ته ڪير ان تي اعتبار ڪندو؟

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.