تيز گام سانحو، ڪنري واسي ٻن ڀائرن جو پتو نه پيو

ڪنري (ت ر) تيز گام ايڪسپريس سانحي جي شھيدن جي وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آھي، پاڪ سرزمين پارٽي جو اڳواڻ اڳوڻو صوبائي وزير شبير  احمد قائمخاني، ڊويزنل نائب صدر بلال خان قائمخاني، ضلعي نائب صدر عمران احمد ۽ ڪنري جي سياسي، سماجي، شھري حلقن شھيد محمد آفاق ڀٽي جي ڀاءُ ايم ڪيو ايم ڪنري جي سٽي انچارج محمد صادق ڀٽي سان، شھيد فقير محمد ڀٽي جي پٽن عمران ايف ايم، محمد فاروق سان، شھيف خوشي محمد جي والد شير محمد ۽ پٽن سان، شھيد بلال اسلم جي گھر وڃي سندس وارثن سان سانحي تي ڏک جو اظھار ڪيو ۽ شھيدن جا درجا بلندي لاءِ دعا گھري، ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي شبير قائمخاني چيو ته پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو واقعو ھو، تمام گھڻو ڏک پھتو آھي وزير کي استعيفيٰ ڏئي گھر وڃڻ گھرجي. ھن چيو ته ريلوي انتظاميا اگھور ننڊ ستل ھئي ماڻھو سڙي مري رھيا ھئا ۽ دانھون ڪوڪون پئي ڪيون پر انتظاميا ڪي به قدم کڻڻ لاءِ تيار نه ھئي، ھن وڌيڪ چيو ته سوا سال جي دوران ريل جي مختلف حادثن ۾ 450 جي لڳ ڀڳ ماڻھو مري چڪا آھن پر حڪومت ۽ ريلوي کاتو ڪي به قدم نه پيو کڻي، ھوڏانھن سانحي ۾ گم ٿيل ڪنري واسي ٻن ڀائرن محمد يوسف ڀٽي ۽ محمد يعقوب ڀٽي جو تاحال ڪوبه ڏس پتو ناهي پئجي سگھيو، جنھن جا وارث پنجاب جي مختلف اسپتالن ۾ دربدر آھن.410430

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.