”بابري مسجد ڪيس جي فيصلي سان اسان کي نئين شروعات جو موقعو مليو“

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي وزير اعظم جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جي بابري مسجد ڪيس تي ٻڌايو فيصلي مان سڀ مطمئن آهن ۽ فيصلو گڏيل طور تي آيو آهي.

ڀارتي قوم کي خطاب ڪندي وزير اعظم نريندر مودي جو چوڻ آهي ته اڄ سپريم ڪورٽ اهڙي معاملي تي فيصلو ٻڌايو جنهن جي ڏهاڪا پراڻي تاريخ هئي.

سندس چوڻ هو ته سڄو ملڪ چاهي ٿو ته ڪيس جي ٻڌڻي روزاني جي بنياد تي ٿئي ۽ ائين ئي ٿيو، پر اِهو سمورو معاملو  هاڻ پنهنجي پڄاڻي تي پهچي چڪو آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا:مودي کي هوائي حدن جي استعمال کان روڪڻ تي پاڪستان خلاف ڀارتي درخواست رد

هن چيو ته سڄي دنيا ڄاڻي ٿي ته ڀارت دنيا جو سڀ کان وڏو جمهوري ملڪ آهي ۽ اڄ اِهو به ثابت ٿي ويو ته هي ڀرپور صلاحيت تي ٻڌل ۽ مضبوط ملڪ آهي.

نريندر مودي دعويٰ ڪئي ته جهڙي ريت هر طبقي جي ماڻهن ان فيصلي کي کليل دل سان قبول ڪيو آهي ان سان اتحاد جو مظاهرو ٿئي ٿو.

هن چيو ته سپريم ڪورٽ انتهائي صبر سان سڀني جي ڳالهه ٻڌي ۽ سڀني کي مطمئن ڪرڻ جي لاءِ گڏيل طور تي فيصلو ٻڌايو آهي ۽ ان ڪري ججن، عدليه ۽ عدالتي نظام جي جيتري تعريف ڪئي وڃي گهٽ آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا:نريندر مودي پاڪستان خلاف وري زهر اوڳاڇڻ لڳو

سندس چوڻ هو ته 9 نومبر تي ئي برلن جي ڀت ڪري هئي ۽ 2 حريف نظريا پاڻ ۾ مليا هئا ۽ اڄ ئي ڪرتارپور صاحب راهداري جو افتتاح به ٿيو.

ڀارتي وزيراعظم جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ اسان کي اِهو پيغام ڏنو آهي ته ڏکئي ترين معاملن جو حل آئين ۽ قانون جي اندر موجود آهي، ڀلي ان جي لاءِ  وقت گهربل هجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.