نمرتا جي خون سان انصاف لاءِ بک هڙتال، وي سي جي برطرفي جو مطالبو

 

ڪراچي (رپورٽ: رزاق عاصي) شاگردن، سياسي ڌرين، انساني حقن جي اڳواڻن ۽ ساڃاهه وندن نمرتا ڪيس جي جڊيشل ڪميش جي مڪمل رپورٽ اچڻ تائين وي سي ۽ سيڪيورٽي آفيسرن کي برطرف ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

ڪراچي پريس ڪلب آڏو سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي ۽ سنڌ سجاڳي فورم جي قائم ڪيل بک هڙتالي ڪئمپ تي عوامي آواز سان ڳالهائيندي شيرين کوکر چيو ته ميڊيڪل رپورٽ مان صاف ظاهر آهي ته نمرتا آپگهات ناهي ڪيو، کيس قتل ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته پهرين ڏينهن کان انساني حقن جون تنظيمون ۽ سول سوسائٽي اهو ئي چئي رهي آهي ته سنڌ سرڪار نوٽيس وٺي قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائي پر سنڌ حڪومت ان معاملي تي سنجيده ناهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: ڄامشوري ۽ ميرپورماٿيلي ۾ نمرتا جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مظاهرا

سسئي لوهار چيو ته ڊاڪٽر نمرتا جو قتل فقط هڪ نياڻيءَ جو قتل ناهي، اهو قتل شعور جو قتل آهي، اهڙا واقعا سنڌ جي نياڻين کي تعليم کان پري ڪرڻ جي هڪ سازش آهي،  اسان نمرتا جي وارثن کي به چئون ٿا ته هو ڪنهن به خوف ۾ جي ڪري پنهنجي نياڻي جي نا حق قتل تي خاموشي اختيار نه ڪن.

سنيتا راٺوڙ چيو ته اسڪولن ۾ معصوم نينگريون، ڪاليج ۽ يونيورسٽين ۾ اسان جون نياڻيون محفوظ ناهن، نمرتا کي جنسي ڏاڍائي بعد قتل ڪيو ويو پر شروع کان وٺي بااثر ڌريون قاتلن ۽ ذميوارن کي بچائڻ  جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، جيستائين نمرتا سان انصاف نه ٿيندو تيستائين اسان خاموش نه ويهنداسين.

سيما مهيشوري جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ عورتون، خاص طور هندو ناريون نشاني تي آهن، ڪڏهن مذهب مٽرائي هندو نارين کي پنهنجن کان پري ڪيو وڃي ٿو ته ڪڏهن نمرتا جهڙا واقعا ڪري هندو نياڻين کي قتل ڪيو وڃي ٿو، اسين عالمي انساني حقن جي تنظيمن، سنڌ سرڪار، خاص طور تي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کي گذارش ڪيون ٿا ته فوري طور تي واقعي جو نوٽيس وٺي قاتلن کي سزا ڏني وڃي.

سنڌو ساگر چيو ته ميڊيڪل رپورٽ ۽ ٻيون شاهديون ثابت ڪري رهيون آهن ته نمرتا کي ڏاڍائي کانپوءِ قتل ڪيو ويو، هاسٽل ۾ سي سي ٽي وي ڪئميرا هجڻ باوجود قاتل ڪيئن نمرتا جي ڪمري تائين پهتا، ان مان ظاهر آهي ته انتظاميا به ان قتل ۾ملوث آهي.

جساف اڳواڻ آغا مبشر، سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي وائيس چيئرمين سرمن بروهي، حمز چانڊيو، سنڌ سجاڳي فورم جي اڳواڻ سارنگ چانڊيو ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ نياڻيون جنسي هراسمينٽ کي منهن ڏئي رهيون آهن، وي سي سميت هاسٽل انتظاميا کي برطرف ڪري انهن کي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.