پاڪستان سنوڪر جو عالمي چيمپيئن بڻجي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني سنوڪر اسٽار محمد آصف شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي فلپائين جي جيفري روڊا کي شڪست ڏئي ورلڊ سنوڪر چئمپيئن شڇ جو ٽائيٽل کٽي ورتو.

ترڪي جي شهر اناطوليا ۾ کيڏيل آءِ بي ايس ايف ورلڊ مينز سنوڪر چئمپيئن شپ 2019ع جي فائينل ۾ به محمد آصف بهترين ڪارڪردگي جو سلسلو جاري رکيو.

محمد آصف فائينل ۾ فلپائين جي ڪيوئسٽ جيفري روڊا کي هڪ طرفي مقابلي کان پوءِ هارائي چيمپيئن بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو.

هي به پڙهي سگھو ٿا:اسلام آباد يونائيٽيڊ کي ٻه ڀيرا چيمپيئن بڻائيندڙ ڊين جونز برطرف

37 ورهين جي سنوڪر چيمپيئن فائينل ۾ پنج – اٺن فريمز سان ڪاميابي حاصل ڪئي.

آصف ٻيون ڀيرو ورلڊ سنوڪر چيمپيئن شپ جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا:قومي ٽيم کان ٻاهر محمد حفيظ هڪ ٻئي مسئلي ۾ ڦاسي پيو…!

ياد رهي ته ان کان اڳ 2012ع ۾ به هو چيمپيئن بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪري چڪو آهي.

محمد آصف چيمپيئن شپ کٽڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته خدا جي ڪرم سان آئون ٻيون ڀيرو ورلڊ چيمپيئن بڻيو آهيان ۽ ورلڊ ٽائيٽل کٽن جي خوشي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگھان.

هن چيو ته اهو هڪ ڏکيو ايونٽ هو جنهن ۾ مخالف ڪيوسٽس به سٺو مقابلو ڪيو ۽ آئون  پنهنجي اها ڪاميابي قوم ۽ ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن جي نالي ڪيان ٿو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.