نواز شريف پرڏيهه ڪڏهن ويندو ۽ ساڻس گڏ ڪير هوندو…؟ شيخ جي رشيد اڳڪٿي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد اڳڪٿي ڪئي آهي ته نواز شريف آچر يا سومر تي پرڏيهه هليو ويندو جڏهن ته مريم نواز پيءُ سان گڏ نه ويندي.

تفصيل موجب نواز شريف جي پرڏيهه مان علاج لاءِ اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ واري درخواست تي شيخ رشيد رد عمل ڏيندي چيو آهي ته نواز شريف کي سڀاڻي تائين پرڏيهه موڪلڻ جي اجازت ملي ويندي.

شيخ رشيد چيو ته نواز شريف آچر يا سومر تي پرڏيهه هليو ويندو ۽ شهباز شريف به هن سان گڏ هوندو پر مريم نواز  پيءُ سان گڏ نه ويندي.

شيخ رشيد چيو ته نواز شريف ۽ آصف زرداري کي فضل الرحمان جو دعائون لڳيون آهن جڏهن ته نواز شريف جي درخواست کي نيب ڪليئر ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.