نواز شريف جي بيماري جي خبر پوندي ئي وزير اعظم ڪهڙو فيصلو ڪيو…؟

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم جي خاص مددگار جو چوڻ هو ته نواز شريف جي بيماري جي خبر پوندي ئي وزير اعظم عمران خان هن کي ٻاهر موڪلڻ جو فيصلو ڪري چڪو هو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي وزير اعظم جي خاص مددگار نعيم الحق جو چوڻ هو ته وزير اعظم کي نواز شريف جي ٻاهر وڃڻ تي ڪو به اعتراض ناهي، نواز شريف جي بيماري جي خبر پوندي ئي حڪومت هن کي ٻاهر موڪلڻ جو فيصلو ڪري چڪي هئي.

نعيم الحق جو چوڻ هو ته وزير اعظم پاڻ نواز شريف جي بيماري بابت سموريون رپورٽون ڏٺيون آهن، نواز شريف بيمار آهي، هن جو علاج پهرين ترجيح هئڻ گهرجي، دعا آهي ته نواز شريف صحتياب ٿي واپس اچي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته نواز شريف جي ضمانت جو فيصلو عدالتن کي ڪرڻو هو، هاڻ جڏهن عدالت هنن کي ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو آهي ته حڪومت هن جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.