جروار: اسپتال جي بحالي لاءِ شٽربند هڙتال، احتجاج

وامي آواز رپورٽ
جروار: اسپتال جي بحالي لاءِ شٽربند هڙتال، احتجاج
وامي آواز رپورٽ جروار: اسپتال جي بحالي لاءِ شٽربند هڙتال، احتجاج

 

جروار اسپتال جي بحالي لاءِ شٽربند هڙتال ڪري احتجاج ڪيو ويو.

اسپتال بچايو ڪاميٽي ڪي سڏ تي حشمت رام، درشن لال ۽ ٻين واپارين پنهنجو سمورو ڪاروبار بند ڪري بک هڙتال ڪئي.

اڳواڻن عاجز گبول، علي نواز جلباڻي ۽ ٻين چيو ته تڪ جا چونڊيل ڀوتار پنهنجي زبانن کي تالا ۽ اکين تي پٽي توڙي ڪنن ۾ ڪپھ هڻي ويٺل آهن، انهن کي جاڳائڻ لاءِ احتجاج جو هر طريقو اختيار ڪيو ويندو.

بک هڙتالي ڪئمپ ۾ ايس ٽي پي جي وائيس چئيرمين ڄام عبدالفتاح سميجو، زاهد ميراڻي ، جي يو آءِ اڳواڻ فضل الرحمان گبول، فنڪشنل ليگ اڳواڻ غلام رسول بوزدار، نوجوان سٿ فراز لنڊ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

ڄام عبدالفتاح سميجو چيو ته جروار واسين کي جس هجي، جيڪي پنهنجي مسئلن لاءِ هڪ آواز بڻجي ويا آهن.

هن چيو ته اسپتال جي اهڙي حالت بڻائي وئي آهي، جيڪا اسپتال نه بلڪه ڀوت بنگلي جو ڏيک پئي ڏي.

اسپتال بچايو ڪاميٽي جي اڳواڻن چيو ته سيڪريٽري هيلٿ کي گذارش ڪئي وئي آهي ته صحت مرڪز جي فوري طور مرمت ڪرائي وڃي، جڏهن ته پي پي ايڇ آئي طرفان رورل هيلٿ سينٽر جي بحالي واري ڪاغذي ڪارروائي پڻ آخري مرحلي ۾ آهي

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.