ڌيءُ سان لڄالٽ جي ڪيس ۾ سزا مليل جوابدار بي ڏوهي قرار

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ملير ۾ چئن سالن تائين ڌيءُ سان لڄالٽ جي ڏوهه ۾ پيءُ کي مليل سزا ڪالعدم قرار ڏيندي جوابدار کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڌيءُ سان لڄالٽ جي ڪيس ۾ جوابدار محمد سليم کي مليل سزا خلاف اپيل تي ٻڌڻيءَ ٿي.

عدالت جوابدار جي موت جي سزا کي ڪالعدم قرار ڏيندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پوليس عدالت کي آگاهه ڪيو ته جوابدار سليم تي ڌيءُ سان زيادتي جو الزام آهي، واقعي جو ڪيس 2017ع ۾ سائيٽ سُپر هاءِ وي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو.

ناري سحر فاطما پنهنجي پيءُ محمد سليم تي الزام هنيو هو ته والد کيس چئن سالن تائين لڄالٽ جو نشانو بڻائيندو رهيو، نتيجي ۾ هوءَ 2 ڀيرا حمل سان به ٿي چڪي.

جوابدار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته ناري ۽ سندس پيءُ جي ڊي اين اي رپورٽ نيگيٽو آئي آهي، ٻار ڪيرائڻ واري رپورٽ به ڪيس سان ڳنڍيل نه آهي.

عدالت ڌُرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو جوابدار محمد سليم کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

واضح رهي ته ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ملير طرفان جوابدار کي ڌيءُ سان لڄالٽ جي ڏوهه ۾ موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.