همايون سعيد ۽ واسع چوڌري جي ايندڙ نئين فلم “نرم گرم“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪجهه ڏينهن اڳ ئي ان ڳالهه جي تصديق سامهون آئي هئي ته ايندڙ رومانٽڪ فلم “لنڊن نهين جائونگا” ۾ همايون سعيد ۽ مهوش حيات هڪ ڀيرو وري رومانس ڪندي نظر ايندا.

گڏوگڏ ان ڳالهه جي به وضاحت ڪئي هئي ته “لنڊن نهين جائونگا“ سيڪوئل نه هوندي  پر اها “پنجاب نهين جائونگي” کان مختلف هوندي.

۽ هاڻ خبر سامهون آئي آهي ته همايون سعيد ”جواني پهر نهين آني” جي ساٿي اداڪار، واسع چوڌري جي لکيل فلم “نرم گرم” کي به پروڊيوس ڪندو.

همايون سعيد هڪ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته هو واسع چوڌري جي ايندڙ فلم “نرم گرم“ کي پروڊيوس ڪندو.

هن فلم بابت تفصيل ٻڌائيندي انڪشاف ڪيو ته فلم جي ڪهاڻي ٻن مرد اداڪارن تي ٻڌل آهي.

اداڪار ان ڳالهه جي به تصديق ڪندي چيو ته  هڪ مرڪزي مرد جو ڪردار واسع چوڌري ادا ڪندو، پر هن وقت تائين ٻئي اداڪار کي ڪاسٽ ڪرڻ جي حوالي سان ڪا به اڳڀرائي ناهي ٿي سگھي.

سندس چوڻ هو ته فلم جي مرڪزي اداڪارن سوڌين ٻي ڪاسٽ بابت به اڃا فيصلو ناهي ڪيو ويو.

همايون سعيد چيو ته جيتوڻيڪ اهو به  واضح ناهي ته فلم جي ڪڏهن رليز ڪيو ويندو، پر ان جي شوٽنگ پاڪستان ۾ ئي ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.