خدارا !! صاف پاڻي جي منصوبن کي ڪرپشن کان بچايو

جي ايم کوکر

ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ سڀ کان وڏو مسئلو صحت جو آهي جڏهن انسان جي صحت ئي ٺيڪ نه هوندي ته اهو زندگي ڏانهن قدم ڪئين کڻندو ،ان لاءِ انسان جو صحت مند هجڻ  ضروري آهي ۽ ان لاءِ صاف پاڻي انسان جي صحت مٿان تمام وڏا اثر پيدا ڪري ٿو  اهو ئي سبب آهي ته جتي به گندو پاني واپرائيو وڃي ٿو اتي انسان مختلف بيمارين ۾ ورتل هوندا آهن، ڪراچي کان وٺي ڪشمرو تائين صاف پاڻي جي حاصلات نه ٿيڻ ڪري غريب ماڻهو ڊائريا، ڪينسر سميت ڪيترن ئي بيمارين ۾ ورتل آهن اتي ڪنهن به رياست جي ذميواري هوندي آهي ته اها پنهنجي شهرين کي بيمارين کان محفوظ رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري ليڪن افسوس ته سنڌ سرڪار جو گهڻو ڌيان پنهنجي نوازي کان وڌيڪ ۽ عوام جي مسئلن ڏڌانهن گهٽ هوندي آهي اهو ئي سبب آهي جو ڪراچي کان وٺي ڪشمور تائين ماڻهو گندو پاڻي واپرائڻ ٿا جنهن تي واٽر ڪميشن جو اهم ڪردار رهيو آهي واٽر ڪميشن جي هوندي سنڌ سرڪار ٿوري ڦڙتي ضرور ڏيکاري هئي ليڪن واٽر ڪميشن جي ختم ٿيڻ سان سنڌ سرڪار به ساڳئي ئي پير هلڻ شروع ڪيو آهي،

سنڌ سرڪار جي ماتحت پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتو جيڪو صاف پاني فراهم ڪرڻ جو ذميوار آهي ان جي آفيشلي طور تي مليل انگ اکرن موجب صوبي ۾عوامي کي صاف پاڻي مهيا ڪرڻ لاءِ  اربين روپين جي لاڳت سان قائم ڪيل2368 آر او پلانٽس مان 1608 فنڪشنل ۽ 760 نان فنڪشنل هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي جن ۾ ڏڪار سٽيل ضلعن ٿرپارڪر ۽ مٺي ۾ سڀ کان وڌيڪ ار او پلانٽ بند هجڻ جو پڻ انڪشاف ٿيو آهي انهن ٻن ضلعن ۾ حڪومت طرفان مجموعي طور تي هن تائين 635 آر او پلانٽ لڳايا ويا آهن جن مان کاتي پاران 507 آر پلانٽ مڪمل فنڪشنل هجڻ جي دعوا ڪندي 128 پلانٽس بند هجڻ جو اعتراف ڪيو آهي،جڏهن ته حڪومت طرفان 29 ضلعن مان صرف 25 ضلعن ۾ آر او پلانٽ هجڻ جي پڻ دعوا ڪئي آهي، انگ اکرن موجب حيدرآباد ۾ ٽوٽل 78 آر او پلانٽ لڳايا ويا جن مان 38 فنڪشنل ۽ 40 نان فنڪشنل، اهڙي طرح مٽياري ضلعي ۾ 58 پلانٽس مان 32 هلندڙ 26 بندپيل،ڄام شورو ۾ 112 مان 47 هلندڙ ۽ 65 بند پيل،ٽنڊو محمد خان ۾ 57 مان 42 هلندڙ 16 بند پيل،ٺٽو ۾ 62 مان 42 هلندڙ ۽ 20 بند پيل،سجاول ۾28 مان 23 هلندڙ 5 بند پيل،بدين ۾ 131 مان 93 هلندڙ ۽ 38 بند پيل،پيرپورخاص ۾52 مان 30 هلندڙ ۽ 22 بند پيل،ٽنڊو الهيار ۾ 74 مان 45 هلندڙ ۽ 29 بند پيل، سانهگڙ ۾ 152 مان 102 هلندڙ ۽ 50 بند پيل،عمرڪوٽ ۾ 58 مان 45 هلندڙ ۽ 13 بند پيل، سکر ۾ 99 مان 73 هلندڙ ۽ 26 بند پيل،گهوٽڪي ۾ 31 مان 13 هلندڙ ۽ 18 بند پيل،خيرپور هڪ ۾ 35 مان 27 هلندڙ ۽ 8 بند پيل، خيرپور 2 ۾ 21 مان 18 هلندڙ ۽ 3 بند پيل، نئوشهروفيروز ۾ 72 مان 60 هلندڙ ۽ 12 بند پيل،شهيد بينظير ڀٽو آباد ۾ 65 آر او پلانٽ مان 51 هلندڙ ۽ 14 بند پيل،لاڙڪانو ۾ 76 مان 56 هلندڙ ۽ 20 بند پيل،قمبر ۾ 56 مان 32 هلندڙ ۽ 24 بند پيل،شڪارپور ۾ 51 مان 39 هلندڙ ۽ 12 بند پيل جيڪب آباد ۾60 مان 42 هلندڙ ۽ 18 بند پيل،ڪشمور ۾ 65 مان 50 هلندڙ ۽ 15 بند پيل،دادو ۾ 67 مان 46 هلندڙ ۽ 21 بند پيل آهن.

پبلڪ هيلٿ کاتي جي صوبائي وزير شبير بجاراڻي ان حوالي سان ڳاله ٻولهه ڪئي ان جو چوڻ اهي ته صاف پاڻي مهيا ڪرڻ حڪومت جي پهرين ذميواري آهي، نان فنڪشنل آر او پلانٽن بند ٿيڻ جا سبب ملازمن کي پگهارون نه ملڻ هو ان سلسلي ۾ تمام ملازمن کي رهيل پگهارون جاري ڪرڻ لاءِ ناڻي کاتي کان منظوري وٺي ڇڏي آهي ۽ پگهارون ڏيڻ جو مرحلو به شروع ڪيو ويو آهي، هن چيو ته بند پيل آر پلانٽس جو مسئلو مرمت نه ڪرڻ هو ان جي آپريشن لاءَ کاتي طرفان تمام ڪوششون ورتيون پيون وڃن، صاف پاڻي مهيا ڪرڻ لاءَ واٽر ڪميشن جي سفارشن تحت وڌيڪ 300 ملازم ڪميشن ذريعي کنيا ويندا، صوبائي وزير چيو ته ٿرپارڪر ۾ 128 آر او پلانٽس بند آهي ان حوالي سان شڪايتون وڌيڪ مليون ان ڪري ٿرپارڪر جو هنگامي دورو ڪيو آهي ۽ ماڻهن جون شڪايتون ٻڌيون آهن منهنجي دوري جو مقصد بند پيل آر او پلانٽن کي فنڪشنل ڪري عوام کي صاف پاڻي ڏيڻ آهي.

صاف پاڻي جي فراهمي ڪراچي جي سنڌي وسندين ۾ قائم ڪيل 117 آر او پلانٽس بند هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ان سلسلي ۾ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي پاران ڪراچي جي سنڌي وسندين ۾ رهندڙ ماڻهن کي صاف پاڻي مهيا ڪرڻ لاءَ قائم ڪيل 173 آر او پلانٽس مان 117 بند ٿيڻ جو اعتراف ڪيو آهي مليل انگ اکرن موجب  صرف 56  آر او پلانٽ فنڪشنل ڏيکاريا ويا آهن جڏهن ته کاتي پاران اهو ناهي ٻڌايو ويو ته اهي هلندڙ آر او پلانٽس ڪراچي جي ڪهڙن وسندين ۾ فعال بڻيل آهي جڏهن ته ذريعن موجب ڪراچي جي ڪياماڙي، ملير، گڊاپ جي علائقن ۾ سنڌين وسندين ۾ صاف پاڻي مهيا ڪرڻ لاءَ لاڳايل آو او پلانٽس  اڪثر طور تي گذريل ٻن سالن کان بند پيل آهن.

سنڌسرڪار پاران عوام کي صاف پاڻي ڏيڻ لاءَ دريا وسيلي 1786 آر او پلانٽس لڳايا آهن جڏهن ته زمين جي جر وسيلي 582 آر او لڳايا آهن،پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي طرفان صوبي ۾ قائم ڪيل ٽوٽل 2368 صاف پاڻي لاءَ لڳايل پلانٽس مان 1882 آر او پلانٽس جو ٺيڪو پاڪ اوسيس ڪمپني10ايس او سيف ڪمپني 476 ٻين ڪمپنين کي ٺيڪا ڏنا ويا چيو وڃي ٿو ته انهن ڪمپنين کي سنڌ سرڪار آر او پلانٽس جي مرمت وارو ساليانو فنڊ بند ڪري ڇڏيو هو جنهن جي ڪري انهن ڪمپنين پنهنجن ملازمن کي فارغ ڪري ڇڏيو ۽ جيڪي ڪم ڪندا رهيا انهن. کي سالن کان پگهارون نه ڏنيو ويون اهو ئي سبب هو جو  صوبي ۾ اڪثر صاف پاني جا آر او پلانٽس بند هيا، اتي اهو به چوڻ درست هوندو ته صاف پاڻي جي منصوبن ۾ اربن روپين جي آر او پلانٽس جيڪي ظاهري طور تي لڳايا ويا ليڪن اهي فنڪشنل نه هيا، خدارا انهن منصوبن کي ڪرپشن کان بچايو وڃي. انهن اربين روپين جي منصوبن جي جانچ ڪرائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.