افغانستان ۾ اسڪولي ٻار دهشتگردن جو نشانو بڻجي ويا

 

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي اترين صوبي تخار ۾ روڊ ڪناري بم ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ 9 ٻار مارجي ويا.

صوبائي پوليس جي سربراهه موجب اهو بم ڌماڪو هڪ اسڪول ڀرسان ٿيو ۽ مارجي ويلن جي عمر 10 کان 15 سالن جي وچ ۾ آهن.

پوليس سربراهه جو چوڻ هو ته ان حملي جو امڪاني هدف افغان سيڪيورٽي فورسز هيون، جيڪي گهڻي ڀاڱي اهو روڊ استعمال ڪنديون آهن.

ان بم ڌماڪي جي ذميواري اڃا تائين ڪنهن به قبول ناهي ڪئي پر پوليس سربراهه ان جو ذميوار طالبان کي قرار ڏنو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.