طبي ماهرن ڀارتين بابت اهم انڪشاف ڪري ورتو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) آبادي جي لحاظ کان دنيا جي ٻين وڏي ملڪ ڀارت جا ماڻهو جيتوڻيڪ هن وقت ٽيڪنالوجي، صحت ۽ ڪاروبار بابت ڪم ڪندڙ عالمي ادارن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، پر هڪ تازي تحقيق مان خبر پئي آهي ته حقيقت ۾ ڀارتين جو دماغ دنيا ۾ سڀ کان ننڍو آهي.

پنهنجي نوعيت جي اها انوکي تحقيق پاڻ ڀارتي ماهرن ڪئنيڊا سوڌو ٻين ملڪن جي ماهرن سان گڏ ڪئي آهي ۽ ان تحقيق دوران ڀارت جي مردن ۽ عورتن جي دماغن جو جائزو ورتو ويو.

ڀارتي سائنسي رسالي “نيورولاجي انڊيا” ۾ ڇپيل رپورٽ موجب ڀارتين جو دماغ نه رڳو اولهه جي ملڪن جي ماڻهن جي ڀيٽ ۾ ننڍو آهي پر هنن جو دماغ ڪيترن ئي اوڀر ملڪن جي ماڻهن کان به ننڍو آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا:انساني دماغ جي حيران ڪندڙ صلاحيت جو انڪشاف..!!

ڄاڻايل تحقيق ۾ ڀارتي شهر حيدرآباد ۾ موجود “انٽرنيشنل انسٽيٽيوٽ آف انفارميشن ٽيڪنالوجي (آءِ آءِ آءِ ٽي)، ڪئنيڊا جي مڪ گيل ۽ مونٽريال يونيورسٽي جي ماهرن حصو ورتو.

ماهرن شروعاتي طور تي 350 ماڻهن جي دماغن جون تصويرون ۽ مختلف ٽيسٽن سان “برين ايٽلس” جوڙيو جيڪو ڪنهن به انسان جي دماغي حصن کي جاچڻ جو درست سائنسي طريقو هوندو آهي.

ان تحقيق دوران ماهرن 100 ڀارتي ماڻهن جي دماغن جي ايم آر آءِ اسڪيننگ سوڌو ٻين ٽيسٽن جي مدد سان “برين ايٽلس” جو خاڪو تيار ڪيو، جنهن کان پوءِ ماهرن ڀارتي ماڻهن جي برين ايٽلس جي ڀيٽ عالمي ماڻهن  جي برين ايٽلس سان ڪئي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: ماهرن خود پرستي جو وڏو فائدو ٻڌائي ڇڏيو…!

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته حيران ڪندڙ طور تي ڀارتين جو دماغ دنيا جي ٻين ملڪن جي ماڻهن کان وزن، جسامت، ۽ ڊزائين ۾ ٻين کان مختلف ۽ ننڍو آهي.

رپورٽ موجب ڀارتين جو دماغ چيني ۽ ڏکڻ ڪوريا جي ماڻهن کان به مختلف هو.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو  ته ڀارتين جو دماغ جيتوڻيڪ ٻين ملڪن جي ماڻهن کان ننڍو هو، پر ان جا نقصان ناهن ٻڌايا ويا ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ويو آهي ته ان سان ڀارتين ۾ اقت کان اڳ الزائيمر سوڌو ٻين بيمارين  جو پتو لڳائي سگھبو.

ماهرن واضح ڪيو ته اها تحقيق محدود هئي ۽ ان تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.