بلاول ڀٽو زرداري اڄ ئي آزادي مارچ جي جلسي کي خطاب ڪندو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طئي ٿيل شيڊيول موجب اڄ ئي اسلام آباد ۾ آزادي مارچ جي جلسي کي خطاب ڪندو.

بلاول ڀٽو زرداري جي ترجمان سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر هڪ بيان ۾ چيو آهي ته جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي دعوت تي ئي پ پ چيئرمين اڄ 31 آڪٽوبر جو ڏينهن آزادي مارچ لاءِ رکيو هو.

هن ٻڌايو ته بلاول ڀٽو زرداري اڄ ئي جلسي واري هنڌ پهچندو ۽ سڀاڻي رحيم يار خان جو جلسو به طئي ٿيل وقت موجود ٿيندو، جڏهن ته اپوزيشن جي سڀاڻي ٿيندڙ جلسي ۾ شرڪت جي به ڪوشش ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.