عوام جي سخت احتجاج تي لبناني وزيراعظم استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

 

بيروت (ويب ڊيسڪ) لبنان جي وزيراعظم سعد الحريري ملڪ ۾ جاري حڪومت مخالف احتجاج سبب استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

ٽيليويزن تي قوم کي پنهنجي مختصر خطاب ۾ سعد الحريري استعيفيٰ جو اعلان ڪندي چيو ته هو صدارتي محل وڃي صدر ميشيل عون کي استعيفيٰ پيش ڪندو، جتي لبناني صدر پنهنجي اختيارن موجب فيصلو ڪندو.

هن چيو ته مان احتجاج دوران مسئلن جي حل لاءِ رستو ڪڍڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، اڄ اهو چوندي نه ڪيٻائيندس ته هڪ بند گهٽيءَ ۾ پهچي چڪو آهيان، تنهن ڪري عهدو ڇڏي رهيو آهيان.

سعد الحريري جي استعيفيٰ جي اعلان کانپوءِ حڪومت مخالفن طرفان سڄي ملڪ ۾ جشن ملهايو پيو وڃي، جڏهن ته ڪجهه ماڻهو مطالبو ڪري رهيا آهن ته وزيراعظم سان گڏوگڏ ٻين اختيارين کي به استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.

واضح رهي ته عرب ملڪ لبنان ۾ معاشي بحران سميت حڪومتي ميمبرن جي ڪرپشن خلاف گذريل ٻن هفتن کان احتجاج ڪيو پئي ويو.

گذريل هفتي سخت احتجاج سبب لبناني حڪومت معاشي سڌارن لاءِ پيڪيج جو اعلان پڻ ڪيو هو پر احتجاج ڪندڙن ان کي رد ڪندي چيو ته حڪومت ۽ اعليٰ سرڪاري عهديدارن جي استعيفيٰ کانسواءِ ٻي ڪا آڇ قبول ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.