بلاول جو اسلام ڪوٽ جلسو ۽ ٿرين جو حقن لاءِ ڪيل احتجاج

غازي بجير

سنڌ جو پٺتي پيل معدني وسيلن سان مالامال خطو ٿرپارڪر جيڪو سمورين حڪومتن جي هوندي لاڳيتو نظرانداز ٿيندو رهيو آهي، جنهن سبب ستن تعلقن تي ٻڌل هن خطي ۾ مسئلا وڌي وڻ ٿي ويا آهن، ٿر جيڪو بنيادي مسئلن جو گهر بڻيل آهي، جتي تعليم، پيئڻ جو صاف پاڻي، صحت، روڊن، رستن سوڌو باقي بنيادي سهولتن جي کوٽ اڄ به برقرار آهي. هي خطو جيڪو لڳاتار چئن ورهين دوران ڏُڪارن جي ور چڙهيل رهيو، اُنهن ڏُڪارن سبب ٿر معصوم ٻارڙن جي موت جو گهر بڻيل رهيو، انهي وقت کان وٺي آخر تائين جڏهن ٿر جون حالتون انتهائي ڀوائتيون ثابت ٿيون ته هن خطي جون خبرون سنڌي توڙي نيشنل ميڊيا جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويون نه رڳو نيشنل ميڊيا پر عالمي ميڊيا تي به ٿر جون تصويرون ۽ تبصرا ٿيندا رهيا. ٿر جي اهڙن بنيادي معاملن تي سنڌي ميڊيا ۾ ته ٿر اڳ ۾ ئي رپورٽ ٿيندو رهيو  ۽ سنڌي ميڊيا جي خوفناڪ سُرخين نيٺ نيشنل توڙي عالمي ميڊيا کي ٿر جي تتل واري جي ڀٽن تي لهڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو.

اهو ٿر جيڪو مسلسل خبرن جو ڌيان بڻيل رهيو ته ان وقت جي وزيراعظم به ٿر جي ياترا ڪئي ته سنڌ جي وڏي وزير ۽ بلاول ڀٽو زرداري سوڌو سنڌ ڪابينا به ٿر ۾ اچڻ تي مجبور ٿي، ان وقت ٿر جو هيڊڪوارٽر وارو شهر مٺي سي ايم هائوس بڻيل نظر آيو. نيٺ سنڌ سرڪار به ٿر تي ڌيان ڏيڻ جي زحمت ڪرڻ شروع ڪئي، ٿر جي اسپتالن ۾ سهولتون ڏيڻ شروع ڪيون، بجيٽون ٻيڻيون ٽيڻيون ڪيون ويون، اسپتالن کي اضافي تيل ۽ ايمبولنس سروس ڏني وئي، بينظير ڀٽو موبائيل اسپتالون به قائم ڪيون ويون، ٿر ۾ اربين روپين جا آر او پلانٽس لڳائڻ وارو ڪم شروع ڪيو ويو، پر نيٺ هلندي ميڊيا جي گهڻي پريشر ۽ ڌٻاءُ بعد سنڌ حڪومت انهن ڪيل اعلانن تي ڪم ڪرڻ ۽ ڌيان ڏيڻ بدران خود تنقيدي جائزو وٺڻ واري عمل کان پاسو ڪندي پنهنجي تنقيد جي توپن جو رُخ سنڌي ميڊيا ڏانهن ڪري ڇڏيو ۽ رپورٽ ٿيندڙ حقيقتن کي ڇڏي ميڊيا کي ڪوڙو قرار ڏيڻ جا بيان جاري ڪرڻ شروع ڪيا ويا ۽ ائين سنڌ حڪومت جي ذاتي انا سبب جيڪي ڪم شروع ڪيا ويا اهي ڪي مڪمل ٿيا ته ڪي اڌ ۾ رهجي ويا ۽ عوام جا خرچ ڪيل ڪروڙين روپيا ٻُڏي ويا.  اهو نقصان سنڌ حڪومت جو نه پر ٿر جي عوام جو ٿيو.

هي به پڙهي سگھو ٿا: ۽ جڏهن ماڻهو ٻه ويلا کائي نه سگهي

سنڌ حڪومت ميڊيا تي رپورٽ ٿيندڙ رپورٽن جي آڌار تي ڪم ڪري ها ته اڄ ٿر ۾ ڪافي مسئلا حل ٿي وڃن ها پر سنڌ حڪومت سميت انهن جي وزيرن ائين ڪرڻ بدران اسپتالن اندر مقامي صحافين جي داخلا تي بندش لڳائڻ سميت انفارميشن ڏيڻ تي مڪمل پابندي لڳائيندي ٿيندڙ اجلاسن جون دعوتون ڏيڻ به ڇڏي ڏنيون، اُنهي بعد هلندڙ اشوز کي ختم ڪرڻ لاءِ اسپتال انتظاميا کي پابند بڻايو ويو ته ميڊيا کي ڪابه انفارميشن نه ڏني وڃي.

ٿر ۾ ڪڻڪ ورهاست ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو، ڪڻڪ جون مختلف مرحلن دوران ڏھ قسطون ورهايون ويون، في قسط اندازن پوڻا 2 لک خاندانن تي مشتمل هئي ۽ ٿر  17 لک آبادي تي مشتمل آهي، بحرحال اهو ڪڻڪ جي ورهاست به ڪرپشن ۽ من پسندي جي ور چڙهي وئي، ورهاست واري ڪڻڪ به اصل حقيقي ٿر جي غريبن تائين مشڪل سان پهتي، پر جيڪڏهن ڪڻڪ بدران پيسا ٿر جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ تي لڳايا وڃن ها ته مسئلا حل ٿيڻ ۾ آساني ٿئي ها پر سنڌ حڪومت اهي مسئلا حل ڪرڻ بدران ٿرين کي هٿ ٽنگڻ تي مجبور ڪيو ويو، جيڪو ائين ئي ٿيو جئين حڪومت چاهيو ٿي. ڪڻڪ ورهاست بعد ٿري عوام احتجاج به ڪيا ۽ جيڪو اشوز به ميڊيا جي زينت بڻيو ته مٿان وري اين جي اوز ادارن کي وارو مليو جن به ٿري ماروئڙن کي رليف ڏيڻ بدران انهن جا ڦوٽو ڪڍي ڪيش ڪرائڻ شروع ڪيا ۽ عالمي ڊونرن کان فنڊ وٺي پيسا هڙپ ڪرڻ شروع ڪيا، جيڪا اربين روپين جي ڪرپشن ٿي، بحرحال ٿر جيڪو مشڪلاتن جو گهر ضرور هو پر ڏُڪار جي آڙھ وٺي هر ڪنهن اداري ٿرين جي نالي مال گڏ ڪيو.

هي به پڙهي سگھو ٿا: سنڌ جي زراعت ۾ عورت جو اهم ڪردار

هاڻي تازو ڳالھ ڪنداسين پ پ طرفان اسلام ڪوٽ ۾ ڪيل وفاقي حڪومت خلاف احتجاجي جلسي جي. سو بلاول ڀٽو زرداري ٿر ۾ جلسو ڪرڻ لاءِ اسلام ڪوٽ کي چونڊيو ۽ نيٺ اهو 23 آڪٽوبر تي اسلام ڪوٽ ۾ جلسو ٿيو، جنهن کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سميت سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ۽ ٻين خطاب پڻ ڪيو.  جلسي ۾ هزارين ماڻهن شرڪت به ڪئي، جلسو ٿر جي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو جلسو رڪارڊ ڪيو ويو ماڻهن جو وڏو انگ جلسي ۾ شريڪ ٿيو، ٿر جتي جيترا مسئلا آهن، اُتي بلاول ڀٽو زرداري جي اعلانيل جلسي بعد ٿرين ۾ اُميدون جاڳيون هيون ته وري ڪو ٿر لاءِ اعلان ٿيندو، پر ٿيو ڇا اُنهي لاءِ پاڻ نه ٿا چئون ۽ هڪ نظر وجهون ٿا انهي جلسي ۾ ڪيل خطاب تي ته بلاول ڀٽو زرداري جلسي دوران ڇا چيو ۽ ڇا ڪيو.

جلسي کي خطاب ڪندي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته جهموريت خطري ۾ آھي،  ملڪ تي ظالم ۽ ڪٺپتلي حڪمرانن جو راڄ آھي، انجو خاتمون آڻڻ ۽ عوامي حقن لاءِ روڊن تي نڪتو آھيان، عمران خان هر طبقي جي معشيت جو قاتل آھي، جيڪو ڪراچي تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو. عمران خان جي حڪومت ۾ وزارتون وٺندڙ سنڌ ڌرتي جا غدار ۽ سنڌ جي حقن جا سوداگر آهن. سندس حڪومت کي ڪيرائي  عوامي حڪومت قائم ڪنداسين، بلاول ڀٽو زرداري اسلام ڪوٽ تعلقي جي 36 سئو ميٽر هولڊر ماڻهن کي هڪ سئو يونٽ تائين بجلي مفت فراهم ڪرڻ واري اسڪيم جو افتتاح ڪيو ۽ تقريب دوران هن اسلام ڪوٽ واسين کي سندن بجلي جا فري بل به پيش ڪيا، جيڪي سنڌ حڪومت ادا ڪري چڪي آهي. جلسي کي خطاب ڪندي بلاول جو وڌيڪ چوڻ هو ته ٿر محبت، امن، سادگي ۽ مهمانوازن جو ديس آھي ۽  انگريزن خلاف بغاوت جو علم ٿر جي بهادرن بلند ڪيو. روپلو ڪولهي جو ڪردار اڄ به ڪارونجهر جبل جيان اوچي ڳاٽ بيٺل آھي، انگريزن سان وڙھندڙ هتان جي ڪولهين راجپوتن ۽ ٻين جو قدر ڪريان ٿو، سندن ڌرتي تان ڪٺپتلي حڪومت خلاف سياسي جنگ جو اعلان ڪري رهيو آھيان.

هاڻي ڳالھ ڪيون ٿا ته بلاول ڀٽو زرداري جي آمد تي ٿر جا ڌرتي ڌڻي آخر روڊن تي ڇو نڪتا، جيڪڏهن پ پ ايترا ڪم ڪرايا آهن ته پوءِ ته ڪوبه احتجاج نه ٿيڻ کپي پر احتجاج بدران اُنهن جي آجيان ٿيڻ کپي ها، پر ائين هرگز نه ٿيو بلاول جي اسلام ڪوٽ آمد جي موقعي تي ٿر جا بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف ٿر جا مارو ماڻهو هزارن جي تعداد ۾ سراپا احتجاج بڻجي روڊن تي نڪري آيا، اسلام ڪوٽ ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي جلسي کان اڳ ڀيل انٽليڪچوئل فورم پاران ٿر ڪول جي رائلٽي ۽ حق نه ڏيڻ ۽ ٿر جي ترقي جي نالي تي حق تلفين خلاف هزارين ماڻھن وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي پ پ پ جي جلسي گاھ ڏانهن ويندڙ  رستو بلاڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوليس احتجاج ڪندڙن کي مک بازار وٽ  موبائيلون بيهاري روڪي ورتو، جنهن سبب احتجاج ڪندڙن اسلام ڪوٽ جي مک بازار ۾ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، جڏھن ته بي آءُ ايف جي احتجاج ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن وڪيل ڀڳوان داس ڀيل، ڪرشن شرما، سنڌ ڪولهي اتحاد جي رڻڇوڙ ڪولهي، ميگهواڙ اڳواڻن ڪرشن ميگهواڙ سميت ڪول ايريا جي مختلف برادرين احتجاج ۾ شرڪت ڪئي ۽ سندن مطالبن جي حمايت ڪئي. ڀيل انٽليڪچوئل فورم جي مک اڳواڻن وڪيل لجپت ڀيل، وڪيل هيمراج ڀيل، گومون ڀيل، سروڻ ڀيل، سورومل ڀيل ۽ ٻين جو خطاب ڪندي چوڻ هو ته ٿر مان معدنيات جا وڏا ذخيرا حڪمران ۽ سرمائيدار قوتن جي عياشين تي خرچ ٿي رهيا آھن ۽ ڌرتي جا ڌڻي بک ۽ معاشي بدحالي سبب خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن، ٿر ڪول ايريا ۾ ڌارين جا ڪٽڪ آڻي مقامي ماڻھن لاءِ روزگار جا دروازا بند ڪيا ويا آھن، سنڌ سرڪار جي ڪرپشن ۽ غلط پاليسين سبب ٿر جا معصوم ٻار بکن وگهي موت جو کاڄ بڻجي رهيا آھن.

هوڏانهن پي ٽي آءُ اڳواڻن ڀڳوان داس ڀيل ۽ ڪرشن شرما جو خطاب ڪندي چيو ته بي آءِ ايف جي سڏ تي اڄوڪو هزارين ٿرواسين جو احتجاج سنڌ حڪومت جي ناڪاره ڪارڪردگي خلاف نفرت جو اظھار آھي، اسان ٿر جي اجتماعي مسئلن جي حل ۽ مقامي آبادي جي حق تلفي خلاف ٿيندڙ احتجاج جي ڀرپور حمايت ڪندي شريڪ ٿيا آهيون.

پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اسلام ڪوٽ جي آمد کان اڳ ٿر ڪول بلاڪ هڪ جي متاثر ڪولهي، ڀيل برادرين ۽ گوڙاڻو ڊيم جي متاثرن پاران عورتن سميت احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اسلام ڪوٽ آڏو ڪيترائي ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو ۽ ٿرڪول تي ڪم ڪندڙ ڪمپنين ۽ سنڌ سرڪار جي زيادتين توڙي حقن جي لتاڙ خلاف نعري بازي ڪئي ويئي. ان موقعي تي ٿرڪول ايريا ون ۽ گوڙاڻو ڊيم جي متاثرن ڀيم راج ميگهواڙ، لڇمڻ ميگهواڙ، محبتو ڀيل، ليلارام ڀيل، چنو ڪولهي، مگهن ڪولهي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ٿر ڪول ايريا بلاڪ 2 ۽ بلاڪ ون تي ڪم ڪندڙ ڪمپنين مقامي ڳوٺاڻن جي زمين تي قبضن سان گڏ سندن لنگهه بند ڪري زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آھي. ،بلاڪ ون جي ڪولهي برادري جي گهرن کي گهيراو ڪري ظلمن جا پهاڙ ڪيرايا پيا وڃن ۽ زمين تي معاوضن ڏيڻ ۽ بنيادي قانوني ۽ انساني حق ڏيڻ بدران کين اذيتون ڏنيون ويون آھن. هنن چيو ته گوڙاڻو ڊيم مقامي آبادي لاءِ خطرو بڻيل آھي. مقامي چونڊيل نمائندن ۽ سنڌ سرڪار ڪوڙا واعدا ڪري احتجاج ختم ڪرايو پر وري واپس ڏسڻ جي به زحمت نه ڪئي. هنن چيو ته حق ڏيئي مطالبا نه مڃيا ويا ته احتجاج جو دائرو ڪراچي تائين وڌايو ويندو.

هوڏانهن ٻئي پاسي بلاول آخري دوري جي ڏينهن تي ٿرڪول بلاڪ ون ۽ بلاڪ ٽو جو به دورو ڪيو، بلاڪ ٽو ۾ تقريب کي به خطاب ڪيو، سنڌ سرڪار ٿر ڪول بلاڪ 2 ۾ ڪوئلي جي کوٽائي سبب بي دخل ٿيڻ سبب متبادل گهرن ۾ منتقل ڪيل متاثرن ۾ ڪوئلي جي رائلٽي مان حصو ڏيڻ واري اسڪيم جو آغاز ڪري ڇڏيو.  ان موقعي تي پ پ پ چيئرمن بلاول ڀٽو زرداري ٿر ڪول ايريا جي بلاڪ 2 ۽ بلاڪ ون ۾ هلندڙ ڪم جو جائزو ورتو، جنهن بعد بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاه سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني پاران ڳوٺ نيو سينهري درس ماڊل وليج جي متاثرن ۾ رائلٽي جا چيڪ ورهائڻ واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ سينهري درس جي متاثرن ۾ اعلانيل سالياني رائلٽي مان 172 خاندانن ۾ هڪ هڪ لک روپين جا چيڪ ورهايا.  ڄاڻايل متاثرن ٿر ڪول بلاڪ 2 ۾ ڪوئلي جي کوٽائي سبب لڏپلاڻ ڪئي هئي ۽ سنڌ سرڪار ۽ اينگرو ڪمپني پاران کين متبادل گهر ڏيئي سندن آبادڪاري ڪئي هئي. سنڌ سرڪار اعلان ڪيو هو ته ڪول ايريا جي متاثرن کي ڪوئلي جي آمدني جي منافعي مان في خاندان کي ساليانو هڪ هڪ لک روپيه رائلٽي جي مد ۾ معاوضو ادا ڪيو ويندو. اهڙي اعلان کانپوءِ اڄوڪي تقريب لڏپلاڻ ڪرڻ بعد متبادل مليل گهرن ۾ منتقل ٿيل متاثرن ۾ رائلٽي جي رقم ورهاست جو آغاز ٿي ويو آھي. تقريب کي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه ۽ سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني جي سي اي او ابوالفضل رضوي خطاب ڪيو ۽ پروجيڪٽ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي نثار احمد کھڙو. ڊاڪٽر مھيش ڪمار ملاڻي. ارباب لطف الله. ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ. قاسم سراج سومرو. ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو. نند لال مالهي. دوست علي راهمون. سشيل ملاڻي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.