حيدرآباد ۾ پنجاب جي ناري جو پرڻو، تحفظ جي اپيل

حيدرآباد (رپورٽر) پنجاب جي علائقي گوجرا جي رهواسي پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي تحفظ لاءِ ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناري رمشه ڌي رياض احمد جٽ مطالبو ڪيو آهي ته سندس مائيٽن پاران امڪاني ڪارروائين سبب تحفظ فراهم ڪيو وڃي. هن  چيو ته محمد وقاص ولد محمد عثمان کوکر سان حيدرآباد جي عدالت ۾ 10 آڪٽوبر 2019 تي پسند جي شادي ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته سندس مائيٽن والد رياض احمد، خرم وڙائيچ ۽ ٻين پاران مسلسل موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آهن، جنهن سبب هو عدم تحفظ جو شڪار آهن، هنن وزير اعليٰ سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته ڄاڻايل معاملي جو نوٽيس وٺي کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.17

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.