پي ايس 11 ضمني چونڊ: جي ڊي اي اميدوار معظم عباسي کي سرسي

 

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي جي تڪ پي ايس 11 لاڙڪاڻي ۾ ضمني چونڊ لاءِ پولنگ کانپوءِ ووٽن جي ڳڻپ جو عمل جاري آهي، جنهن تحٽ جي ڊي اي اميدوار معظم عباسي کي پ پ اميدوار جميل سومري خلاف سرسي حاصل آهي.

پي ايس 11 لاڙڪاڻي تي پ پ جي جميل سومري ۽ جي ڊي اي اميدوار معظم عباسي ۾ سخت مقابلو آهي، تڪ ۾ پولنگ جو عمل صبح 8 وڳي شروع ٿيو، جيڪو شام 5 وڳي تائين بنا وقفي جاري رهيو، جنهن کانپوءِ ووٽن جي ڳڻپ جو عمل جاري آهي.

88 پولنگ اسٽيشنز جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) اميدوار معظم عباسي 20474 ووٽ کڻي اڳتي آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي (پ پ) اميدوار جميل سومرو 17297 ووٽن سان پوئتي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.