ايف بي آر ملڪ تي بار آهي،  ان کي ختم ڪيو…..! سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس گلزار احمد وفاقي بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته ايف بي آر ملڪ تي بار آهي، ان کي ختم ڪيو پوءِ ڏسو ته ڪيترو پيسو ٿو گڏ ٿئي.

عدالت عظميٰ ۾ جسٽس گلزار احمد تي ٻڌل 2 رڪني بينچ ايف بي آر جي ملازم محمد انور گورايه جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

انهيءَ ٻڌڻي دوران جسٽس گلزار احمد ايف بي آر تي ڪافي ڪاوڙ  ڪئي ۽ هن سخت ريمارڪس ڏنا.

جسٽس گلزار احمد چيو ته ايف بي آر ملڪ تي بار آهي، هر سال کربين رپيا هليا ويندا آهن، ايف بي آر 22 هزار جي فوج ڇا ريڪوري گڏ ڪندي.

 گڏوگڏ ئي هن اِهي به ريمارڪس ڏنا ته ايف بي آر کي ختم ڪري ڇڏيو، پوءِ ڏسو ته ڪيترو پيسو ٿو گڏ ٿئي.

ٻڌڻي دوران جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته 80 سيڪڙو ٽيڪس بالواسطه گڏ ٿيندو آهي، رڳو 20 سيڪڙو روينيو گڏ ڪرڻ جي لاءِ 22 هزار ماڻهو ايف بي آر ۾ رکيا ويا آهن.

بعد ۾ مختصر  ٻڌڻي کان پوءِ عدالت عظميٰ ايف بي آر جي سروس ميٽر ۾ ملازم جي خلاف اپيل کي رد ڪري ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.