حيدرآباد ۾ گٽڪي تي ضابطو نه آڻڻ تي ٻن ايس ايڇ اوز کي هٽايو ويو

حيدرآباد(رپورٽر) ايس ايس پي حيدرآباد مين پڙي ۽ گٽڪي جي وڪري ۽ ڏوهن تي ضابطو نه اچڻ جي ڪري ٻن ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کي هٽائي ڇڏيو آهي. جن ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کي هٽايو ويو آهي انهن ۾ مڪي شاهه ٿاڻي جو ايس ايڇ او سب انسپيڪٽر اياز ٻگهيو ۽ بي سيڪشن ٿاڻي جو ايس ايڇ او ملڪ جاويد شامل آهن. سندن جاءِ تي انسپيڪٽر سڪندر مصطفيٰ ڪنڀار کي بي سيڪشن ۽ انسپيڪٽر نثار هاليپوٽو کي ايس ايڇ او مڪي شاهه مقرر ڪيو ويو آهي. هوڏانهن پوليس پوسٽ نسيم نگر تي محمد شريف کوسي کي انچارج بڻايو ويو آهي.063041

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.