آفريقي ملڪ برڪينا فاسو ۾ مسجد اندر فائرنگ، 16 نمازي شهيد

واغادوغو  (م ڊ) آفريڪي ملڪ برڪينا فاسو ۾ هٿياربندن مسجد ۾ داخل ٿي انڌاڌنڌ فائرنگ  شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 16 نمازي شهيد ٿي ويا.عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب آفريڪي ملڪ  برڪينا  فاسو جي سرحدي  شهر سالموسي جي  مسجد ۾ هٿياربندن حملي کان پوءِ  انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 13 نمازي ٿڏي تي ئي شهيد ٿي ويا جڏهن ته 3 زخمين اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. فائرنگ جي وچ ۾ اچي 7 نمازي زخمي به ٿيا آهن جن مان 2 جي حالت ڳڻتي جوڳي  ٻڌائي پئي وڃي.هي مسجد پاڙيسري ملڪ مالي جي سرحد جي ويجهو واقع آهي ۽ دهشتگردي جي وڌندڙ واقعن کان پوءِ هتان جا ماڻهو لڏ پلاڻ  ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهن.اطلاع آهن ته  پاڙيسري ملڪ جي انتهاپسند گروهه ڪجهه علائقن تي قبضا ڪيا آهن. 03

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.