ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ ۾ فواد چوڌري ماحول خراب ڪيو: عمران اسماعيل

ڪراچي (رپورٽر) گورنر سنڌ عمران اسماعيل چيو آهي ته پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ فواد چوڌري جي بيان بعد ماحول خراب ٿي ويو. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ ڪجهه به نه هلي رهيو آهي خواجا اظهار سان ڪالهه به ڳالهه ٻولهه ٿي، فواد چوڌري جيڪا ڳالهه ڪئي ان سان ماحول خراب ٿيو. وزيراعظم سان ڳالهائيندس، ان سان اسان جو اتحاد متاثر ٿيندو. ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم وڌيو آهي، پر آءِ جي ۽ ايڊيشنل آءِ جي ان کي گهٽائڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته جيڪو به ڪراچي ۾ ڪچري جي ڳالهه ڪري ٿو، اسين ان سان گڏ آهيون، سنڌ سالڊ ويسٽ مئنجمينٽ بورڊ مڪمل طور ناڪام ٿيو آهي. ڪچرو کڻڻ ڪي ايم سي جو ڪم آهي، اهو ان کي ڪرڻ ڏنو وڃي. واضح رهي ته فواد چوڌري چيو هو ته ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جو جلد صفايو ٿي ويندو.063041

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.