حيدرآباد ۾ تاريخي ڪشمير مارچ، گهر ۾ باهه لڳل آهي، وزيراعظم ٽياڪڙي پيو ڪرائي: سراج الحق

حيدرآباد(رپورٽر) جماعت پاڪستان جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته سنڌ باب الاسلام آهي، سنڌ جي  شاهه عبدالطيف ڀٽائي سميت هتان جي ماڻهن دنيا کي امن جو درس ڏنو آهي، ڪشمير مارچ ۾  هي عوام جو سمنڊ ڀارت ۽ مودي جي سازشن کي ناڪام بڻائي ڇڏيندو، ڪشميرين جون نظرون هتان جي حڪمرانن تي آهن ۽ هتان جي حڪمرانن جون نظرون وري ڪشمير مسئلو حل ڪرائڻ لاءِ آمريڪا سميت ٻين ملڪن تي آهن، حڪمران ٻين تي ڀاڙڻ بدران پاڻ وقت جا ٽيپو سلطان بڻجن، اهڙو اظهار هن ڪالهه حيدرآباد ۾  جماعت اسلامي مرڪز جي سڏ تي ڪشمير مارچ ۾ خطاب ڪندي ڪيو، هن تاريخي مارچ ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، ڪشمير مارچ شهر جي علائقي تلڪ چاڙهي کان شروع ٿيو، جيڪو اسٽيشن روڊ تي جماعت اسلامي جي آفيس اڳيان پهتو، جتي جلسو منعقد ڪيو ويو، ڪشمير مارچ ۾ حيدرآباد سميت ڀرپاسي جي ضلعن مان جماعت اسلامي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، جن والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي بربريت خلاف ۽ مظلوم ڪشميرين جي حمايت ۾ سخت  نعريبازي ڪئي، جماعت پاڪستان جي امير سينيٽر سراج الحق خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارت بربريت جي انتها ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته ڪشميري پنهنجي آزادي لاءِ ثابت قدمي سان جدوجهد ڪري رهيا آهن، سرينگر ۾ 7 سالن جو معصوم ٻار ۽ 80 سالن جو بزرگ به پٿر کڻي ايٽمي طاقت کي للڪاري رهيو آهي، ڪشميرين تمام گهڻي جدوجهد ڪئي آهي، جتي ڀارت 70 ڏينهن کان ڪرفيو هڻي وادي کي جيل بڻائي ڇڏيو آهي، ان سنگين صورتحال تي پوري دنيا خاموش بڻيل آهي پر اسان خاموش نه ويهنداسين، اسان پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان هر قدم تي گڏ آهيون ۽ رهنداسين، هن چيو ته موجوده حڪومت کي گهرجي ها ته سڀني سياسي پارٽين کي ڪشمير معاملي تي پاڻ ۾ گڏ ڪري ها پر اسان جي وزيراعظم ۽ ان جي وزيرن بيان ڏيڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڪيو، هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان بچائڻو آهي ته ان جي حفاظت جي ويڙهه سرينگر جي گهٽين ۾ وڙهڻي پوندي، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ايران، سعودي وچ ۾ ٽياڪڙي ڪرائڻ لاءِ ايران جي دوري تي ويو آهي پر اسان جي پنهنجي گهر ۾ به باهه لڳل آهي، ڪشمير جو مسئلو يمن کان وڌيڪ آهي، هن چيو ته سنڌ جي حالت تمام گهڻي خراب آهي، ڪراچي سڄو ڪچري مان ڀريو پيو آهي، ان موقعي تي جماعت اسلامي سنڌ ۽ حيدرآباد جي اڳواڻن پڻ مارچ کي خطاب ڪيو،17

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.