شام ۾ آپريشن، عورت سياستدان مارجي وئي، 480 ويڙهاڪ مارڻ جي دعويٰ

ترڪي (م ڊ) ترڪي طرفان شامي ڪُردن خلاف آپريشن ۾ شامي عورت سياستدان سميت سبب ترڪ اختيارين 5 ڏينهن دوران 480 ڪرد ويڙهاڪن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.جڏهن ته ڪردن خلاف ڪارروائي دوران قيد ڪيل داعش جا ويڙهاڪ ۽ سندن ويجها فرار ٿي ويا آهن. ترڪ دفاعي وزارت دعويٰ ڪئي آهي ته ڪردن جي سربراهي ۾ قائم سيرئين ڊيموڪريٽڪ فورس خلاف ڪارروائي ۾ هينئر تائين 480 ويڙهاڪ مارجي چڪا آهن. جڏهن ته سيريا فيوچر پارٽي جي سيڪريٽري جنرل هروين خلف به مارجي وئي آهي. جڏهن ته سرحد جي ويجهو ڪيترن ئي ڳوٺن جو ڪنٽرول ترڪ فوج سنڀالي ورتو آهي ته ٻئي پاسي ترڪي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ترڪي ۽ ڪردن وچ ۾ ٽياڪڙي جي آڇ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي وزارت هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته اسان دهشتگردن سان ڳالهيون نه ڪنداسين، دهشتگردن وٽ هڪ ئي رستو آهي ته هو هٿيار ڦٽا ڪن. 03

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.