ڪراچي: اوجها ڪئمپس مان موٽر سائيڪلون چورائيندڙ گروهه سوگهو

وامي آواز رپورٽ
ڪراچي: اوجها ڪئمپس مان موٽر سائيڪلون چورائيندڙ گروهه سوگهو
وامي آواز رپورٽ ڪراچي: اوجها ڪئمپس مان موٽر سائيڪلون چورائيندڙ گروهه سوگهو

ڊائو يونيورسٽي جي اوجها ڪئمپس مان موٽر سائيڪلون چورائي لاڙڪاڻي کڻي ويندڙ گروهه پڪڙجي پيو.

ڊائو يونيورسٽي جي انتظامي اهلڪارن ايمبولينس ڊرائيور عمران جمالي سميت پڪتل جوابدارن کي ٽن موٽر سائيڪلن سميت سچل پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، عمران جمالي گروهه جو اڳواڻ ٻڌايو پيو وڃي.

ڊائو يونيورسٽي جي پرو وائيس چانسلر ۽ اوجها ڪئمپس ڊائريڪٽر پروفيسر ڪرتار ڊاواني ڪئمپس مان موٽر سائيڪل چوري ٿيڻ جي دانهن کانپوءِ سيڪيورٽي تي مقرر عملي کي سخت نگراني جي هدايت ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ آچر ڏينهن ڪئمپس مان چوري ٿيندڙ موٽر سائيڪل جي ڪئمپس ۾ موجودگي کانپوءِ ڳجهي نگراني ڪئي وئي ۽ شڪي سرگرمي تي سيڪيورٽي اهلڪارن ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو

جوابدارن محمد بخش ۽ زاهد حسين ٻڌايو ته اهي وارداتون ڪري موٽر سائيڪلون ايمبولينس ذريعي کڻي ويندا هئا.

ڊائو يونيورسٽي جي ترجمان موجب جوابدارن کي قانونن ڪارروائي لاءِ سچل پوليس حوالي ڪيو ويو آهي، کانئن وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي………………

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.