”هاڻ دنيا جي ٽيمن کي پاڪستان اچڻ ۾ ڪا پريشاني نه ٿيڻ گهرجي“

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچ رميش رتنائيڪي بهترين انداز ۾ ميزباني تي پاڪستان جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته هاڻ سريلنڪا سميت دنيا جي ٻين ٽيمن کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ ۾ ڪا پريشاني پيش نه اچڻ گهرجي.

ون ڊي سيريز هارائڻ کانپوءِ بهترين انداز ۾ واپسي ڪندي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ پاڪستان کي وائيٽ واش شڪست ڏيندڙ سريلنڪن ٽيم جي ڪوچ رميش رتنائيڪي ڏيهه واپسي کان اڳ شاندار ميزباني تي پاڪستان جا ٿورا مڃيندي چيو ته دورو تمام سٺو رهيو.

هي به پڙهي سگهو ٿا: سريلنڪا ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ پاڪستان کي ڪلين سوئيپ ڪري ڇڏيو

هن اعتماد جو اظهار ڪيو ته اسان جي ٽيم پاڪستان جو دورو ڪندڙ واحد ٽيم نه هوندي، هي دورو سڄي دنيا، خاص طور مستقبل ۾ پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي سلسلي ۾ سريلنڪن ٽيم لاءِ پيغام آهي، اسان جي دوري سان ڪيترن ئي ملڪن کي هتان جو دورو ڪرڻ جي حوصلا افزائي ٿيندي.

سندس چوڻ هو ته ڪامياب دوري ۾ بهترين سيڪيورٽي انتظامن سان سريلنڪن ٽيم جا پاڪستان ۾ ٽيسٽ ميچ کيڏڻ جا امڪان وڌي ويا آهن، مان رانديگرن کي پاڪستان آڻڻ لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.

پاڪستان ۾ 7 ٽيسٽ ۽ 16 ون ڊي ميچون کيڏندڙ رميس رتنائيڪي چيو ته پاڪستاني عوام ائين ئي آهي، جيئن 30 سال اڳ هو، پاڪستاني عوام جهڙي ريت اسان جي آجيان ڪئي ۽ پيار ڏنو، ان تي سندن ٿورائتا آهيون.

واضح رهي ته 10 سال اڳ مارچ 2009 ۾ پاڪستان جي دوري تي آيل سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم تي دهشتگرد حملي کانپوءِ هتي عالمي ڪرڪيٽ جا دَر بند ٿي ويا هئا.

6 سالن کانپوءِ آهستي آهستي ڪرڪيٽ جي بحالي جو عمل شروع ۽ پي ايس ايل ۾ ڪجهه پرڏيهي رانديگرن جي اچڻ توڙي ورلڊ اليون جي دوري کانپوءِ ملڪ ۾ عالمي ڪرڪيٽ جا دَر کلندا ويا.

گذريل مهيني سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز کيڏڻ لاءِ پاڪستان پهتي، ون ڊي ميچن جي سيريز پاڪستان 0-2 تان پنهنجي نالي ڪئي، جڏهن ته ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ سريلنڪا پاڪستان کي 0-3 تان ڪلين سوئيپ ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.