آصف زرداري سان وڪيل جي ملاقات واري درخواست رد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)  احتساب عدالت اڳوڻي صد آصف علي زرداري سان وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ جي ملاقات واري درخواست رد ڪري ڇڏي.

احتساب عدالت اسلام آباد جي جج  بشير پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سان وڪيل جي ملاقات جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. چوڌري رياض ايڊووڪي درخواست ۾ چيو ته سومر تي آصف زرداري جو وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ مصروف آهي، ان ڪري ڪنهن ٻئي ڏينهن آصف زرداري سان ملاقات جي اجازت ڏني وڃي.

هي به پڙهي سگهو ٿا:سرڪار مراد شاهه سميت جنهن کي چاهي گرفتار ڪري: آصف زرداري

جج محمد بشي چيو ته ان ڏينهن توهان ڏٺو ته وڪيل صاحب مون سان ڪيتري بدتميز ڪري رهيو هو، جيتري رعايت ڪيو سڀ اوترو مٿي تي چڙهي ويندا آهن. چوڌري رياض ايڊووڪيٽ چيو ته مون کي خبر ناهي ته ڪهڙي وڪيل بدتميزي ڪئي.

جج محمد بشير  حڪم ڏنو ته جنهن ڏينهن ملاقات جو وقت مقرر آهي تڏهن ئي ملاقات ڪنداسين، گهڻو مسئلو آهي ته وڃو مٿان وڃي اجازت وٺو.

واضح رهي ته آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ ڪوڙي اڪائونٽس ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾گرفتار آهي.

ياد رهي ته ان کانا ڳ اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو هو ته وفاقي حڪومت وڏي وزير مراد علي شاهه سوڌو جنهن کي گرفتار ڪرڻ چاهي ٿي ڀلي ڪري. هن چيو هو ته حڪومت مراد علي شاهه سوڌو جنهن کي گرفتار ڪرڻ چاهي ٿي ڀلي ڪري، حڪومت سڀني کي گرفتار ڪري پنهنجو شوق پورو ڪري وٺي، اسان کي پروڊڪش آرڊرز جي به ضرورت نه آهي.

ڌرڻي ۾ مولانا فضل الرحمان جو ساٿ ڏيڻ بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آئون ته جيل ۾ آهيان، ڌرڻي ۾ شرڪت جو فيصلو بلاول صاحب ڪندو.

صحافي پڇيو ته اوهان اڄ ڪالهه پنڊي ۾ آهيو، پنڊي جو موسم ڪيئن آهي؟ جنهن تي آصف زرداري کلندي جواب ڏنو ته اڄ ڪالهه برسات ٿي رهي آهي ۽ پنڊي جي موسم مٽجي رهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.