عائشا عمر ڦاسي پئي….!

نويواڊا  (ويب ڊيسڪ) هن وقت اداڪارا عائشا عمر عالمي سطح تي پنهنجي نئين انداز سان پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهي آهي پر مداح مٿس تنقيد به ڪري رهيا آهن.

عائشا عمر هر سال ٿيندڙ عالمي فيسٽيول “برننگ مين 2019” ۾ شرڪت ڪئي جيڪو آمريڪا جي نويواڊا ريگستان ۾ ٿيو.

برننگ مين فيسٽيول ۾ هر سال مختلف ملڪن ۽ قومن سان واسطو رکندڙ ماڻهو شرڪت ڪندا آهن جنهن ۾ مختلف ثقافت ۽ فن جي نمائش ٿيندي آهي.

اداڪارا عائشا عمر به ان فيسٽيول جو حصو بڻي ۽ پاڪستان جي نمائندگي ڪيائين.

اداڪاراڍ فيسٽيول دوران شوٽ ڪرايل تصوير شيئر ڪئي جنهن مان هڪ تصوير تي کيس سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو.

تصوير ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته اداڪارا پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ثقافت رلهي جي ڊيزائن واري ننڍي شرٽ ۽ سوڙهي پينٽ جي چونڊ ڪري پاڪستان جهنڊي واري سائيڪل تي ويٺي پوز ڏنو آهي.

ان کان سواءِ کيس سائي رنگ جي جناح اسٽائيل واري ٽوپي به پهريل آهي  جنهن سان گڏ هڪ ڊگھو اڇي رنگ جو ڪپڙو آهي.


عائشه عمر مٿي ڏيکاريل  تصوير شيئر ڪندي لکيو ته پلايا ۾ هر هنڌ آئون منهنجي جهنڊي واري سائيڪل….

هن ڀيري پرنٽ واري چولي ۽ مٿي تي پهريل  جناح ڪيپ متاثر ڪندڙ هئي ۽ ان شام آئون فخر محسوس ڪندڙ پاڪستاني هيس.

اداڪارا لکيو ته گھڻن سڙندڙن ماڻهن ته منهنجي قومي لباس تي مون کي داد به نه ڏني ۽ ابتڙ  (اڻڄاڻ بڻجي) پڇڻ لڳا ته اوهان ڪٿان کان آهيو؟

ان کان پوءِ  عائشا پنهنجي ساٿي فنڪارن جو ٿورو به مڃيو ۽ ٻڌايو ته ان دوران هن ڪيترائي ڀيرا پنهنجي ثقافت ۽ بنياد کي بيان ڪيو هو ۽ اڳتي به ڪندي رهندي.

پر ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ عائشه عمر جو اهو انداز ڪجهه  مداحن کي نه وڻيو ۽ هنن سخت ناپسنديدگي جو اظهار ڪيو.

هونئين ته اداڪارا پنهنجي ان پوسٽ تي تبصرو ڪندڙ آپشن بند ڪري ڇڏيو آهي پر مداحن هن جي ان وائرل ٿيل ۽ ٻين تصويرن تي ڇتي تنقيد ڪئي آهي.

سويرا نالي هڪ مداح پاڪستان ثقافت جي نمائندگي ڪرڻ تي چيو ته ڪو عائشا عمر کي صحيح طريقو ٻڌائي.

عمارا سعيد نالي مدح مذاق ڪندي لکيو ته جهنڊي کي به شرم اچي رهيو آهي ڪيترو ته اخلاقي لباس آهي.

هڪ ٻئي مداح سدرا متين ادڪارا کي چيو ته جي نه! اهو اسان جو بنياد ۽ ثقافت نه آهي.

جيتوڻيڪ هڪ واهپيدار ته اهو به واضح يڪو ته اداڪارا کي خبر هئي ته ماڻهو ان تصوير کي پسند نه ڪندا ان ڪري هن ڪمنٽ ئي بلاڪ ڪري ڇڏيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.