ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو آهي ته پاڪستان دوري لاءِ سريلنڪن رانديگرن تي انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل ) جي انتظاميا جو گھڻو دٻاءُ آهي.
پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٽئي ون ڊيز ۽ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي شروعات 27 سيپٽمبر تي ٿي رهي آهي جنهن ڪري سريلنڪن رانديگرن کي 25 سيپٽمبر تي پاڪستان پهچڻو آهي پر سريلنڪا جي ڪجهه سينيئر رانديگرن طرفان پاڪستان اچڻ جي حوالي سان خدشن جو اظهار ڪيو پيو وڃي.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان سريلنڪا کي سدائين سپورٽ ڪيو، پاڪستان جي سينيئر رانديگرن سريلنڪا وڃڻ کان ڪڏهن به انڪار ناهي ڪيو تنهنڪري سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن کي به پاڪستان اچڻ گھرجي.
اڳوڻي ڪپتان سريلنڪن بورڊ کان مطالبو آهي ته هو سينٽرل ڪانٽريڪٽ رکندڙ رانديگرن کي پاڪستان موڪلڻ لاءِ دٻاءَ وجهي.
شاهد آفريدي چيو ته جيڪو سريلنڪن رانديگر پاڪستان جو دورو ڪندو اسان جي تاريخ ۾ ان کي سدائين ياد رکيو ويندو.
هن انڪشاف ڪيو ته جڏهن به پي ايس ايل دوران سريلنڪن رانديگرن کي پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ جي دعوت ڏني ته هنن ٻڌايو هوءَ ته اچڻ چاهين ٿا پر کين انڊين پريميئر ليگ طرفان چيو ويو آهي ته جيڪڏهن هو پاڪستان ويندا ته سندس ڪانٽريڪٽ ختم ڪيو ويندو.
سرفراز کي ٽيسٽ ڪپتاني ڇڏي ڏيڻ گھرجي
قومي ڪرڪيٽ ٽِم جي ڪپتان سرفراز احمد جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته ٽنهي فارميٽس کڻي هلڻ گھڻو ڏکيو ڪم آهي، سرفراز کي پهريان مشورو ڏنو ۽ هاڻ به چوان ٿو ته هن کي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتاني ڇڏي ڏيڻ گھرجي.
اڳوڻي ڪپتان وڌيڪ چيو ته مصباح لاءِ ٻنهي عهدن تي ڪم ڪرڻ هڪ چئلينج آهي پر هو 24 ڪلاڪ ڪم ڪندڙ محنتي انسان آهي، هن جي ڊيمانڊ آهي ۽ مون کي اميد آهي ته هو بهتر طريقي سان ڪم ڪندو.
شاهد آفريدي آخر ۾ چيو ته يونس خان، محمد يوسف، عبدالرزاق ۽ شعيب اختر کي به انڊر 19 ٽيمن سان گڏ لڳائڻ گھرجي.