قومي اسيمبلي جو سڀاڻي ٿيندڙ اجلاس رد

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جو 20 سيپٽمبر تي جمعي ڏينهن طلب ڪيو اجلاس رد ڪيو ويو آهي.

قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسپيڪر اجلاس آئين جي آرٽيڪل 54 جي شق 3 تحت رد ڪيو آهي.

قومي اسيمبلي اجلاس ۾ گرفتار اپوزيشن اڳواڻن جا پروڊڪشن آرڊر جاري نه ٿيڻ جي معاملي تي اپوزيشن جماعتن طرفان سخت احتجاج ڪيو پيو وڃي.

ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي صدارت ۾ ٿيندڙ اڄوڪي اجلاس ۾ به اپوزيشن اڳواڻن سخت احتجاج ڪيو.

اپوزيشن طرفان قومي اسيمبلي ٻاهران به پروڊڪشن آرڊر جي معاملي تي احتجاج ڪيو ويو، جڏهن ته ڪجهه ڏينهن اڳ پارليامينٽ جي گڏيل سيشن دوران صدر عارف علوي جي خطاب دوران به اپوزيشن جماعتن اسپيڪر اسد قيصر جي ڊائس جو گهيرو ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.