خورشيد شاهه ٻن ڏينهن جي راهداري رمانڊ تي نيب حوالي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه جو ٻن ڏينهن جو راهداري رمانڊ منظور ڪري ورتو.

خورشيد کي آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ اڄ اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ جج محمد بشير جي روبرو پيش ڪيو ويو.

ان موقعي تي نيب اختيارين چيو ته خورشيد شاهه کي سکر جي عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ راهداري رمانڊ ڏنو وڃي.

جج محمد بشير پڇاڻو ڪيو ته سکر وڃڻ ۾ ڪيترو وقت لڳي ويندو آهي؟ جنهن تي خورشيد شاهه جواب ڏنو ته اڄ صبح سکر جي فلائٽ هئي، سڀاڻي به هوندي.

نيب جاچ آفيسر چيو ته ٽن ڏينهن جو راهداري رمانڊ ڏئي ڇڏيو، اسان پهرين موجود فلائٽ ذريعي خورشيد شاهه کي سکر وٺي وينداسين پر احتساب عدالت خورشيد شاهه جو ٻن ڏينهن جو راهداري رمانڊ منظور ڪندي نيب اختيارين کي ٻن ڏينهن ۾ سکر جي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

واضح رهي ته نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ خورشيد شاهه کي گذريل ڏينهن بني گالا مان گرفتار ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.