لاهور ۾ ملڪيت جي تڪرار تان ڀائرن هٿان ڀيڻ قتل

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي علائقي علامه اقبال ٽائون ۾ ٻن ڀائرن ملڪيت جي تڪرار تان پنهنجي جوان ڀيڻ کي قتل ڪري ڇڏيو.

مقتولا جي وڏي ڀاءُ سجاد سليم جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هن الزام هڻندي چيو آهي ته ننڍي ڀاءُ وقاص ۽ اعجاز سليم پنهنجي ڀيڻ سميرا سليم تي تشدد ڪيو ۽ کيس زهر ڏئي ماري ڇڏيو.

ايف آءِ آر جي متن موجب ملڪيت جي وڪري کانپوءِ ڀيڻ ۽ ڀائرن ۾ ورهاست تي جهيڙو هلي رهيو هو، جنهن تي وقاص پنهنجي ڀاءُ اعجاز کي ڀيڻ سميرا جي گهر وٺي ويو ۽ ناري کي زهر ڏئي ڇڏيو.

پوليس ۽ فرانزڪ ٽيمن واردات واري هنڌان شاهديون گڏ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

پوليس موجب مڙهه کي پوسٽ مارٽم لاءِ مرده خاني نيو ويو آهي، رپورٽ کانپوءِ وڌيڪ حقيقتون سامهون اينديون، جڏهن ته جوابدارن جي ڳولا جاري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.