ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي مقامي عدالت ٻلي کي مارڻ جي ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي اڻ پورين شاهدين جي بنياد تي عورت کي بري ڪري ڇڏيو.
هلندڙ سال فيبروري ۾ ڊفينس جي شهري جي پاليل ٻلي هڪ عورت جي گاڏي هيٺان اچي مَري وئي هئي، جنهن کانپوءِ ڊفينس واسي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ سٽي ڪورٽ ۾ درخواست ڏني هئي.
درخواستگذار جو چوڻ هو ته واقعو ڊفينس فيز 8 درخشان ٿاڻي جي حدن ۾ پهرين فيبروري تي پيش آيو، جنهن تي عدالت عورت خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.
هاڻ ان ڪيس ۾ اڻ پورين شاهدين جي بنياد تي عورت کي بري ڪيو ويو آهي.
عدالتي فيصلي موجب عورت ۽ فريادي ٻنهي جا واقعي واري هنڌ موجودگيءَ جا ثبوت ناهن، تنهن ڪري ڪيس تي وڌيڪ ڪارروائي وقت جو زيان آهي.
فيصلي ۾ چيو ويو ته ان ڳالهه جا ڪي ثبوت ناهن مليا ته عورت ٻلي کي ڄاڻي واڻي ماريو، ٻلي ڪنهن جي ملڪيت نه هئي، تنهن ڪري ان جي قيمت به مقرر نٿي ڪري سگهجي.
عدالتي فيصلي موجب ٻلي جو مَرڻ هڪ پراسرار واقعو آهي، جنهن ۾ فريادي ئي ڪيس جو اڪيلو شاهد آهي.