خانگي اسڪولن فيسن ۾ غير قانوني واڌ ڪئي ته سخت ڪارروائي ٿيندي: تعليم جو وفاقي وزير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به پرائيويٽ اسڪول فيس سپريم ڪورٽ جي حڪم خلاف وڌائي ته ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

شفقت محمود صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته خانگي تعليمي ادارن خلاف گھڻيون شڪايتون اچي رهيو آهن ته هو فيسن ۾ 5 سيڪڙو کان وڌيڪ غير قانوني واڌ ڪري رهيا آهن، خانگي اسڪولن کي هدايت ڪيان ٿو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب فيس وڌائين.

هن چيو ته پرائيويٽ اسڪول انتظاميا پنهنجا اختيار نه اورانگهي، جيڪڏهن ڪنهن به پرائيويٽ اسڪول ۾ فيس سپريم ڪورٽ جي حڪم خلاف وڌائي وئي ته سخت ان خلاف سخت ايڪشن ٿيندو.

سندس چوڻ هو ته آئون سڀني صوبائي حڪومتن سان رابطو ڪيو آهي ته پنهنجن اختيارن موجب ان معاملي کي ڪنٽرول ڪيو، جيڪو به ان حوالي سان احتجاج ڪري رهيو آهي ان سان ڳالهيون ڪيون وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.