ڀارتي فوج هٿان پاڪ آرمي جو جوان شهيد

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي فوج جي لائن آف ڪنٽرول تي بنا سبب فائرنگ ۾ پاڪ فوج جو جوان شهيد ٿي ويو.

ڀارتي فوج هڪ ڀيرو ٻيهر سيز فائر معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي ايل او سي تي بنا سبب فائرنگ ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جو هڪ جوان شهيد ٿي ويو.

هي به پڙهي سگهو ٿا:لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوج جي فائرنگ، پاڪ فوج جا 3 جوان شهيد

پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب ڀارت ايل او سي جي حاجي پير سيڪٽر ۾ بنا سبب فائرنگ جي ڪري پاڪ فوج جي سپاهي غلام رسول شهادت جو جام نوش ڪيو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته شهيد ٿيل سپاهي غلام رسول جو تعلق بهاولنگر سان آهي.

ياد رهي ته لائن آف ڪنٽرول تي ڀارت جي جارحيت جاري آهي ۽ ان کان اڳ به ڀارتي فورسز جي بنا سبب فائرنگ ۾ پاڪ فوج جا 3 جوان شهيد ٿي ويا هئا.

آءِ ايس پي آر طرفان بيان جاري ڪيو ويو هو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي موجوده نازڪ صورتحال تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڀارت فوج ايل او سي تي فائرنگ جو سلسلو وڌائي ڇڏيو آهي.

آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فوج جي بنا سبب فائرنگ جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جا 3 جوان شهيد ٿي ويا، جن ۾ نائڪ تنوير، لانس نائڪ تيمور ۽ سپاهي رمضان شامل هئا.

پاڪ فوج جي ترجمان موجب پاڪ آرمي به ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڀارتي فوجي مارجي ويا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿيا.

<blockquote class=”twitter-tweet” data-lang=”en”><p lang=”en” dir=”ltr”>Thanks to media for unprecedented coverage of Defence &amp; Martyrs Day especially concurrent repeat telecast by electronic media.<br>COAS thanks nation for reaching out to families of Shaheeds on the eve of Martyrs Day. “Martyrs are our pride &amp; their families our responsibility”, COAS.</p>&mdash; DG ISPR (@OfficialDGISPR) <a href=”https://twitter.com/OfficialDGISPR/status/1170249836207251456?ref_src=twsrc%5Etfw”>September 7, 2019</a></blockquote>

<script async src=”https://platform.twitter.com/widgets.js” charset=”utf-8″></script>

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.