جنهن کي عثمان بوزدار نٿو وڻي اهو پارٽي ڇڏي ڏئي….!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير جي ترجمان شهباز گل جو چوڻ آهي ته جنهن کي عثمان بزدار جو منهن نٿو وڻي اُهو پارٽي کي ڇڏي ڏئي.

پنجاب ڪابينا جي اجلاس کان پوءِ ميڊيا بريفنگ ڏيندي شهباز گل جو چوڻ هو ته قوم جي بابي قائد اعظم جي ممنون آهي ته هن اسان کي پاڪستان جهڙو تحفو ڏياريو دنيا کي اِهو سچ مڃڻو پوندو ته اڄ والاريل ڪشمير کي هڪ عقوبت خانو بڻايو ويو آهي.

پوليس تشدد جي حوالي سان ڳالهائيندي شهباز گل جو چوڻ هو ته ڪنهن صورت ڪنهن کي ڪنهن تي تشدد جي اجازت ناهي، پوليس ماڻهن جي خدمت جي لاءِ نه تشدد ۽ ٽارچر سيل جي لاءِ آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا:حافظ سعيد جي گرفتاري اندروني معاملو آهي: شهباز گل

شهباز گل چيو ته پوليس تشدد جي واقعن تي آزاد، خودمختيار بورڊ بڻائڻ جي تجويز غور هيٺ آهي، ٿاڻن ۾ پبلڪ ريليشن آفيسر مقر ڪنداسين ۽ شڪايت بڪس به لڳائي رهيا آهيون.

هن چيو ته پوليس ڪلچر تبديل ڪرڻ ۾ ٽائم لڳدنو آهي، اِهو هڪ ڏينهن جو ڪم ناهي هوندو، ڪي پي ڪي ۾ پوليس کي ٺيڪ ڪرڻ سان ٻه کان اڍائي سالن جو عرصو لڳو.

سندس چوڻ هو ته پوليس کي ٺيڪ ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي پر اسان سڌارن جي وعدي تي قائم آهيون، پنجاب ۾ به پوليس جو نظام جلد ٺيڪ ٿي ويندو.

پنجاب جي وڏي وزير جي ترجمان مخالف ڌر کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته حيرت آهي جو پوليس کي عورتن تي تشدد جو حڪم ڏيندا هئا اڄ گهٽ وڌ ڳالهائي رهيا آهن، ڇا اُهي ماڻهو ماڊل ٽائون جو سانحو وساري ويٺا آهن، سبزه زار کان ماڊل ٽائون تائين پوليس کان غلط ڪم وٺندڙ ڪهڙي منهن سان اسان کي درس ڏئي رهيا آهن.

شهباز گل چيو ته اسان جي پنهنجي پارٽي جا ماڻهو اسان جي پاليسين تي تنقيد ڪندا آهن.

هن چيو ته عثمان بوزدار کي وزير اعظم 5 سالن جي لاءِ پنجاب جو وڏو وزير بڻايو آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي عثمان بوزدار جو منهن نٿو وڻي ته اُهو پارٽي کي ڇڏي هليو وڃي.

سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن وزير اعظم چيو ته عثمان بوزدار هاڻ وڏو وزير ناهي ته آئون اُن جي وڪالت نه ڪندس، جنهن ڏينهن وزير اعظم جو حڪم آيو عثمان بوزدار 12 ڪلاڪ ۾ سي ايم ڇڏي ڏيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.