گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر ڀارت کان وڏو مطالبو ڪري ڇڏيو….!

جنيوا(ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر ميشيل باچليٽ والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيو ۾ نرمي ڪري ۽ ڪشميرين کي بنيادي سهولتن تائين پهچ فراهم ڪري.

گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر ميشيل باچليٽ جنيوا ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن ڪونسل جي اجلاس سان خطاب ۾ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قدمن سان انساني حق متاثر ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ انٽرنيٽ ۽ رابطن جا سمورا ذريعا معطل آهن، پرامن مظاهرن تي پابندي آهي ۽ سياسي اڳواڻن کي نظربند ڪيو ويو آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: گڏيل قومن کي والاريل ڪشمير لاءِ ڳالهين کان اڳتي وڌي ڪجهه ڪرڻو پو ندو: مليحه لوڌي

ميشيل باچليٽ ڀارت تي زور ڏنو ته والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيو ۾ نرمي ڪري ۽ ڪشميرين کي بنيادي سهولتن تائين پهچ فراهم ڪري، ڪشمير جي مستقبل بابت هر فيصلي ۾ ڪشميرين کي شامل ڪيو وڃي.

گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر ڀارتي رياست آسام ۾ مسلمانن سميت 19 لک کان وڌيڪ ماڻهن جي شهريت رد ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ميشيل باچليٽ چيو ته آسام ۾ 19 لک ماڻهن جي شهريت جي رد ٿيڻ غير يقيني ۽ پريشاني کي جنم ڏنو، ڀارت شهريت رد ٿيڻ خلاف اپيلن جي دوران قانوني ضابطن تي عملدرآمد يقيني بڻائي ۽ متاثر ماڻهن کي ملڪ بدر يا قيد نه ڪري.

 

ياد رهي ته گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائيندي مليحه لوڌي چيو هو ته گڏيل قومن کي والاريل ڪشمير لاءِ ڳالهين کان اڳتي وڌي ڪجهه ڪرڻو پو ندو.
مليحه لوڌي چيو هو والاريل ڪشمير فلسطين جي مسئلي جهڙو آهي ٻئي تڪراري علائقا آهن، ٻنهي ۾ انساني حياتيون زيان ٿي رهيون آهن. ٻئي مسئلا گڏيل قومن جي ايجنڊا جا پراڻا مسئلا آهن.
هن چيو هو ته ڪشمير ۾ جاري ڀارتي بربريت کان سڀ واقف آهن، والاريل وادي ۾ پيلٽ گنز جي استعمال سان معصوم ڪشميرين کي نشانو بڻايو پيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.