پوليس تشدد جي دانهن اسيمبلي ۾ به…..!

لاهور(ويب ڊيسڪ) پوليس تشدد سبب فوتگين ۾ واڌ جي خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ جمع ڪرايو ويو.

تفصيل موجب پنجاب اسيمبلي ۾ ن ليگ جي ڪنول لياقت طرفان پوليس تشدد سبب فوتگين ۾ واڌ جي خلاف ٺهراءُ جمع ڪرايو. ٺهراءَ جي متن موجب پوليس تشدد سبب فوتگين ۾ واڌ جي ڪري پنجاب پوليس تان عوام جو اعتماد اُٿي ويو آهي، گذريل 8 مهينن ۾ لاهور شهر ۾ پوليس حراست ۾ 7 ڄڻن جون فوتگيون سواليه نشان آهن.

هي به پڙهي سگهو ٿا: صلاح الدين ڪيس، پنجاب حڪومت عدالتي جاچ لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي

ٺهراءَ موجب گجرپوه ٿاڻي جي مبينا ٽارچر سيل کان پوءِ اتر ڇانوڻي ٿاڻي سميت ڪيترن ئي ٻين ٿاڻن جي حدن ۾ قائم ٽارچر سيل غير قانونيت ۽ انسان دشمني جا مثال آهن، پوليس گردي جي هٿان شهرين جي فوتگين جا واقعا گذريل ڏهن سالن جا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. متن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته فوتگين جي ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي.

ان کان اڳ پنجاب حڪومت پوليس جي حراست ۾ فوت صلاح الدين جي عدالتي جاچ لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي هئي.

ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر (ڊي پي او) عمر سلامت جڊيشل انڪوائري جي درخواست ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج کي ڏني.

پنجاب حڪومت موجب واقعي تي ايس ايڇ او سميت 3 اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڊي ايس پي سميت ٻين ملوث اهلڪارن کي معطل به ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ صلاح الدين جي پوسٽ مارٽم رپورٽ جو انتظار آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ايس پي انويسٽيگيشن حبيب الله خان جي سربراهي ۾ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ايس ايڇ او سميت گهربل اهلڪار ضمانت ڪرائڻ کانپوءِ جاچ ۾ شامل ٿي ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.