ڀارت ۾ ڪيميڪل فيڪٽري ۾ ڌماڪو، ڪيترائي فوت

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) اولهه ڀارت ۾ هڪ ڪيميڪل فيڪٽري ۾ ٿيل ڌماڪي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 12 ڄڻا فوت ٿي ويا.

طبي ذريعن جو چوڻ آهي ته ان ڌماڪي ۾ 60 جي لڳ ڀڳ ماڻهو زخمي به ٿيا آهن.

هي به پڙهي سگهو ٿا: ماحواتي گدلاڻ سبب ڪينسر جو شڪار ڀارتي عورت

اهو ڌماڪي ڀارت جي رياست مهاراشٽرا جي شهر ڌولي ڀرسان هڪ فيڪٽري ۾ ٿيو، فوتين ۽ زخمين ۾ وڏو انگ فيڪٽري ملازمن جو آهي، جڏهن ته طبي ذريعن فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي.

پوليس موجب ڌماڪو ايترو سخت هو جو فيڪٽري جي ڀر وارن علائقن ۾ به ماڻهن کي زخم رسيا.

ريسڪيو آپريشن سان گڏوگڏ پوليس جاچ جو عمل به شروع ڪري ڇڏيو آهي.

پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ڌماڪي وقت فيڪٽري ۾ هڪ سئو ملازم ڪم ۾ مصروف هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.