ورجينيا (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ مقرر پاڪستاني سفير اسد مجيد والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت خلاف عالمي برادري کان سخت نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
آمريڪي رياست ورجينيا ۾ يوم پاڪستان جي تقريب رٿي وئي، جنهن ۾ اسد مجيد شرڪت ڪئي ۽ سڀني گڏجي ڪيڪ ڪاٽيو.
ان موقعي تي خطاب ڪندي پاڪستاني سفير والاريل ڪشمير جي صورتحال بابت چيو ته اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ وياسين، دنيا جو ڌيان ڇڪايو، ڇو ته اسان کي سڀ کان وڌيڪ ڳڻتي ڪشمير ۾ انساني بحران تي آهي.
هن چيو ته مودي سرڪار 90 لک ڪشميرين کي قيدي بڻائي رکيو آهي ۽ وادي ۾ ٽن هفتن کان لاڪ ڊائون آهي، ڀارت جي ان رويي کي سڄي دنيا ڏسي رهي آهي.
اسد مجيد مطالبو ڪيو ته عالمي ادارن ۽ تنظيمن جي مبصرن کي والاريل وادي موڪليو وڃي، ڀارت کي فيصلو واپس وٺڻ تي مجبور ڪيو وڃي، ڇو ته ڀارت جو رويو خطي ۾ امن لاءِ خطرو آهي ۽ اهو واضح ناهي ته صورتحال ڪهڙي پاسي وڃي رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته والاريل ڪشمير جي صورتحال تي آمريڪي هائوس انٽيليجنس ڪميٽي چيئرمين سميت سمورا ماڻهو ڳڻتي جو اظهار ڪري رهيا آهن، جڏهن ته آمريڪي صدر 3 ڀيرا مسئلي جي حل لاءِ ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪرڻ جي خواهش پڻ ظاهر ڪئي آهي.