رپورٽ: قاضي احمد: سول اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: قاضي احمد: سول اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاج
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: قاضي احمد: سول اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاج

 

قاضي احمد ۾ ساڃاهه وندن پاران سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف قومي شاهراهه تي علامتي بک هڙتال ڪري احتجاج ڪيو ويو.

شهرين عبدالرحمان اوٺو، ملنگ جتوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اڳواڻي ۾ صحت کاتي خلاف نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي ڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سول اسپتال کي اپ گريڊ ڪرڻ باوجود علاج جون ڪي به سهولتون ناهن.

هنن چيو ته اسپتال ۾ ايمبولينس، دوائون ۽ گهربل عملو نه هئڻ ڪري اسپتال ايندڙ مريض ٺيڪ ٿيڻ بدران ويتر بيمار ٿي وڃن ٿا.

احتجاج ڪندڙن گهر ڪيئ ته نوٽيس وٺي فوري طور اسپتال کي گهربل عملو ۽ سامان فراهم ڪري عوام کي طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن……………………..

 

Leave A Reply

Your email address will not be published.